خيبر پختونخوا ۾ 90 ڏينهن ۾ امن امان ۾ بهتري ايندي: ثمر هارون بلور

پشاور-14 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر جي اطلاعات بابت صلاحڪار ثمر هارون بلور اربع ڏينهن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سيڪيورٽي ادارن ۽ سرڪاري کاتن وچ ۾ هم آهنگي سبب صوبي ۾ 90 ڏينهن اندر امن امان ۾ واضح بهتري ڏسڻ ۾ ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهايندي ڪيو. هن چيو ته گورنر راڄ تحت کنيل قدمن ۽ هنگامي انتظامن سان پوليس ۽ فيڊرل ڪانسٽيبلري …

پشاور-14 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر جي اطلاعات بابت صلاحڪار ثمر هارون بلور اربع ڏينهن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سيڪيورٽي ادارن ۽ سرڪاري کاتن وچ ۾ هم آهنگي سبب صوبي ۾ 90 ڏينهن اندر امن امان ۾ واضح بهتري ڏسڻ ۾ ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهايندي ڪيو. هن چيو ته گورنر راڄ تحت کنيل قدمن ۽ هنگامي انتظامن سان پوليس ۽ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي ڪارڪردگي ۽ مورال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج ۽ پوليس وچ ۾ بهتر هم آهنگي واپار کي آسان بڻائڻ، عوامي چرپر کي آسان بڻائڻ ۽ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بندشن کي هٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته حڪومت عوامي مسئلن کي مرحليوار حل ڪندي ۽ سياسي انتقام جو سهارو نه وٺندي.

مزید خبریں