خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي قيادت صوبي کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي قيادت صوبي کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڳالهه ٻولهه جي نتيجن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ پي ٽي آءِ اڳواڻن بظاهر …

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي قيادت صوبي کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڳالهه ٻولهه جي نتيجن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ پي ٽي آءِ اڳواڻن بظاهر ڪاميابي تي هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته بعد ۾ سهيل آفريدي دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان ڪا خاطري ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هڪ طرف ڊيره اسماعيل خان، هنگو ۽ ڪوهاٽ ۾ ماڻهو ماريا پيا وڃن، حملا ٿي رهيا آهن ۽ دهشتگرد آزاداڻي چرپر ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻئي طرف سهيل آفريدي ڌرڻا هڻي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته هو دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو واعدو نه ٿو ڪري سگهي، اها صورتحال انتهائي افسوسناڪ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان معاملي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان جي تائيد ڪندي پي ٽي آءِ جي صوبائي قيادت جي رويي کي سنجيده قرار ڏنو. هن چيو ته صوبائي قيادت کي نه ته طرز حڪمراني سان ڪو خاص لڳاءُ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ نه ئي ان کي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي ضرورت جو احساس آهي. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس خميس ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويندو.

مزید خبریں