اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ عمان گڏيل ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، سامونڊي معاملن ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ رابطن، زراعت، صنعت، توانائي، افرادي قوت، انساني وسيلن جي ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم …
پاڪستان ۽ عمان پاران گڏيل ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ عمان گڏيل ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، سامونڊي معاملن ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ رابطن، زراعت، صنعت، توانائي، افرادي قوت، انساني وسيلن جي ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن البوسعيدي اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان – عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي ڌرين پنهنجي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، سامونڊي معاملن ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ رابطن، زراعت، صنعت، توانائي، افرادي قوت جي چرپر، انساني وسيلن جي ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ، افرادي قوت جي چرپر ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اداراجاتي تعاون جي نئين موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل ورڪنگ گروپس جي اجلاسن جي وچ ۾ ويجهي اداراجاتي رابطن ۽ مسلسل رابطن جي ذريعي طئي ٿيندڙ فيصلن تي وقت سر عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:18










