سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ پاران مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو دورو

حيدرآباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه اربع ڏينهن مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو دورو ڪري، 75 گرلز ھاسٽل جو افتتاح ڪيو، ھاسٽل ۾ 75 شاگردياڻين جي رھائش جي گنجائش آھي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري ھ چيو ته آئون جڏھن به مھراڻ يونيورسٽي آيو آھيان مونکي خوشي ٿيندي آھي، مونکي ھر ڀيري اچي بھتر محسوس ٿيو آھي، چيف سيڪريٽري …

حيدرآباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه اربع ڏينهن مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو دورو ڪري، 75 گرلز ھاسٽل جو افتتاح ڪيو، ھاسٽل ۾ 75 شاگردياڻين جي رھائش جي گنجائش آھي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري ھ چيو ته آئون جڏھن به مھراڻ يونيورسٽي آيو آھيان مونکي خوشي ٿيندي آھي، مونکي ھر ڀيري اچي بھتر محسوس ٿيو آھي، چيف سيڪريٽري چيو ته ڪنھن زماني ۾  ھتي اھڙو مشڪل ماحول ھوندو ھو جو ھتي ڪير اچڻ لاءِ تيار نه ھو ۽ شاگردياڻين جو تعداد نه اچڻ برابر ھو،  ھن چيو ته ھاڻي ڄامشوري جو ماحول ۽ ترقي ڏسي تبديلي جو احساس ٿئي ٿو. ھن چيو ته ٻاھرين دنيا ۾ يونيورسٽين ۾ معاشي مسئلا ناھن اتي صرف تعليم، تحقيق ۽ تربيت تي سوچيو ويندو آھي. ھارورڊ يونيورسٽي ۾ آئون ويو آھيان اتي پڙھڻ ۽ تحقيق ڪرڻ وارن کي چون ٿا رڳو توھان اچو، سڀ ڪجھه مفت آھي ايستائين جو قرض به ڏنو ويندو آھي. ھن چيو ته وائيس چانسلرن کي پينشن جي فنڊس لاءِ پريشان نه ھجڻ گھرجي حڪومت ان حوالي سان جٽادار رٿابندي ڪري رھي آھي. آصف حيدر شاھ چيو ته ترقي يافته ملڪن جا اعليٰ تعليمي ادارا پاڻي، سولر، بجلي ۽ گئس لاءِ پريشان ناھن. هن چيو ته مان سيڪريٽري يونيوسٽيز اينڊ بورڊس، وائيس چانسلر مھراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ حڪومت جي رٿابندي واري کاتي سان ويھي جيڪي گھرون ڪيون ويون آھن، انھن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سوچي فيصلو ڪنداسين. چيف سيڪريٽري ته تعليم، پاڻي ۽ صحت سنڌ حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل آھن. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي وڏو ادارو آھي، ماحولياتي تبديلين، ٻوڏن، منڇر ڍنڍ جي بحالي، آر بي او ڊي، ايل بي او ڊي جھڙين رٿائن جي بھتري، بحالي ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪري سگھي ٿي. ھن چيو ته آئون مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي ڪم ۽ ڪوششن کي ساراھيان ٿو، سندس سربراهيءَ  ۾ وڌيڪ چار سال سوچڻ، منصوبابندي ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽيءَ کي پاڻيءَ جي رسد پنج ڪلوميٽر پري کان واقع ڪي-بي فيڊر کان ٿئي ٿي جنھن ۾ تمام وڏا مسئلا آھن ۽ خدشو آھي ته شاگردن جي وڌندڙ تعداد ۽ يونيورسٽيءَ کي سرسبز ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پاڻيءَ جو مقدار گھڻو گھٽجي ويندو، ان لاءِ ضروري آھي ته مھراڻ يونيورسٽيءَ کي ھڪ جدا پاڻي جي فراھمي لاءِ واٽر پائپ لائين وارو منصوبو منظور ڪري ڏنو وڃي. پينشن جو پڻ وڏو بار آھي، سنڌ حڪومت پينشن جي انڊوومينٽ فنڊ لاءِ مھراڻ يونيورسٽي جي مدد ڪري، جڏھن ته صوبي جي ٻين سرڪاري يونيورسٽين جي سنڌ حڪومت ان حوالي سان مدد ڪري ٿي. وائيس چانسلر چيو ته سال 2016 ع کانپوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس کي ڄامشورو ڪئمپس معاشي مدد ڪري ٿي. وائيس چانسلر چيو تہ مھراڻ يونيورسٽي پاران آرٽيفشل انٽيليجنس ۽ سائبر سڪيورٽي جو سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري آھي جلد اھو شروع ڪيو ويندو. پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي مطابق اسان جي ڪوشش آھي ته يونيورسٽي جو محور ۽ مرڪز شاگرد ھجن، صنعتي ادارن ۽ صنعتي فورمن سان شاگرد گڏجي ڪم ڪن ٿا. وائيس چانسلر چيف سيڪريٽري سنڌ کان مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي کي سولر تي ھلندڙ 10 شٽل بسون ڏنيون وڃن جيڪي ڪئمپس اندر ھلن. وائيس چانسلر چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مھراڻ يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پارڪ جوڙيو ويندو، ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي پيپلز يوٿ اسڪل امپروومينٽ سينٽر سائٽ ايريا حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ چاھي ٿي جتي مھراڻ يونيورسٽي جي زمين موجود آھي ان لاءِ مدد ڪئي وڃي جتي اليڪٽريشن، سولر پينل ٽيڪنيشن، آٽو ڪيڊ، موبائل رپيئرنگ، مڪينيڪل، پلمنگ ۽ ٻين شعبن جا ڪورس ڪرائي افرادي قوت ٻاھرين ملڪن ڏانھن موڪلي بيروزگاري گھٽائي سگھجي ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي اسپين جي ھڪ ڪمپني سان معاھدو ڪيو آھي جيڪا 30 سالن لاءِ گرانٽ ڏيندي، مھراڻ يونيورسٽي جون ليبارٽريز وڌيڪ سگھاريون ۽ بھتر ٿينديون، وائيس چانسلر چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس ۾ برساتن سبب جيڪي نقصان ٿيا آھن انھن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ رٿا منظور ڪري ڏني وڃي ته جيئن مستقل حل نڪري سگهي. وائيس چانسلر مطالبو ڪيو تہ مھراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي داخلا وڌي رھي آھي. چيف سيڪريٽري سنڌ سان گڏ يونيورسٽيز اينڊ بورڊس کاتي سنڌ جو سيڪريٽري محمد عباس بلوچ، ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر قادري موجود ھئا. مھراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ورڪس ۽ اسٽريٽجڪ پلاننگ صغير احمد ميمڻ مھراڻ يونيورسٽي ۾ مڪمل ۽ ھلندڙ ترقياتي رٿائن گرلز ھاسٽل ۽ بوائز ھاسٽل سميت راندين جي ھلندڙ تعميراتي منصوبن بابت چيف سيڪريٽري کي آگاھي ڏني.
ان موقعي تي مھراڻ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، مھراڻ يونيورسٽي جا ڊينز، واٽر سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران انصاري ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود ھئا.