اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 5 ارب ڊالر جي گڏيل طور تي طئي ٿيل ٻطرفي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي ترڪيه ۾ …
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان – ترڪيه واپار ۾ واڌ، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 5 ارب ڊالر جي گڏيل طور تي طئي ٿيل ٻطرفي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي ترڪيه ۾ نامزد سفير آمنه بلوچ سان ڳالهائيندي چئي جنهن اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کيس نئين مقرري تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري جي طور تي سندس ڪامياب مدي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، ثقافتي رشتن ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل خواهش تي قائم آهن. هن توانائي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي، شپ بريڪنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، دفاعي صنعتن ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يونيورسٽين جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عوامي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي ۽ ثقافتي لاڳاپن ۽ سياحت جي فروغ جي پڻ ڳالهه ڪئي جنهن ۾ ترڪيه جي ان شعبي ۾ مهارت مان فائدو کڻڻ پڻ شامل آهي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هوءَ ترڪيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، شاگردن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ويجهو رابطو رکي ۽ ضرورت پوڻ تي موثر قونصلر پهچ ۽ وقت سر مدد کي يقيني بڻائي. هن انساني اسمگلنگ جي خلاف موثر طريقي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ۽ ترڪ ادارن جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. صدر کيس چيو ته هو پنهنجون سندون پيش ڪرڻ وقت صدر رجب طيب اردوان کي سندس نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائي. صدر نئين ذميواري ۾ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











