اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ فرانس جي نامزد سفير زان نوئل پواغيي ۽ سعودي عرب جي نامزد سفير ڊاڪٽر راجح طامي البقمي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٻنهي سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي سفارتي فرضن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن …
صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ فرانس ۽ سعودي عرب جي نامزد سفيرن پاران پنهنجون سفارتي سندون پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ فرانس جي نامزد سفير زان نوئل پواغيي ۽ سعودي عرب جي نامزد سفير ڊاڪٽر راجح طامي البقمي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٻنهي سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي سفارتي فرضن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان جي پنهنجي پنهنجي ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. فرانس جي نامزد سفير زان نوئل پواغيي سان ملاقات دوران صدر باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ وسيع تر تعاون جي ذريعي فرانس سان پاڪستان جي پراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي، باقاعده اعلى سطحي مٽاسٽا ۽ هڪ خودمختيار ٻطرفي تعلق جي اهميت تي زور ڏنو. صدر واپار، سيڙپڪاري، پارلياماني مٽاسٽا، تعليمي ۽ ثقافتي رابطن ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي موقعن کي اجاگر ڪيو. سعودي عرب جي نامزد سفير ڊاڪٽر راجح طامي البقمي سان ملاقات ۾ صدر پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهي اسٽريٽجڪ حصيداري تي زور ڏنو ۽ سعودي عرب جي سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن دفاع بابت مڪه اتحاد ۽ ٻطرفي تعاون جي بنياد بڻائيندڙ اداراجاتي طريقيڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، سعودي عرب جي مالي مدد ۽ تيل جي فراهمي ۾ تعاون کي ساراهيو ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته سفير جي ملازمت جي مدي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا.










