سعودي ولي عهد سان ترڪيه ۽ لبنان جي صدر ۽ جرمن چانسلر جا رابطا، حوثين جي حملن جي مذمت

رياض-14 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان لبنان جي صدر جوزف عون، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ جرمني جي چانسلر فريڊرڪ مرز ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صدر سعودي عرب ۽ ان جي اهم ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ وارن حملن جي مذمت ڪئي جيڪي مملڪت جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن. هن لبنان …

رياض-14 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان لبنان جي صدر جوزف عون، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ جرمني جي چانسلر فريڊرڪ مرز ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صدر سعودي عرب ۽ ان جي اهم ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ وارن حملن جي مذمت ڪئي جيڪي مملڪت جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن. هن لبنان پاران مملڪت سان مڪمل يڪجهتي، ان جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائڻ واري هر شيءِ خلاف حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ترڪيه جي صدر مملڪت خلاف حوثين جي حملن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي رد ڪيو. هن انهن حملن ۾ ٿيل فوتگين تي ولي عهد سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر اردوان ترڪيه پاران مملڪت سان مڪمل يڪجهتي، مملڪت جي سلامتي جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جو ورجاءٌ ڪيو. جرمن چانسلر مملڪت جي سلامتي ۽ استحڪام کي نشانو بڻائيندڙ حوٿين جي حملن جي مذمت ڪئي. جرمني مملڪت سان يڪجهتي ۽ هرممڪن حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن سعودي عرب ۽ جرمني وچ ۾ تعاون ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں