عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل ۽ سون جي اگهن ۾ اضافو، زرعي جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي)عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ اضافو جڏهن ته زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ  تحت ڪچي تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت ۾ 0.44 ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ قيمت 94.58 ڊالر في بيرل ٿي وئي. اهڙي طرح برينٽ ڪروڊ جي مستقبل جا سودا 0.50 ڊالر …

اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي)عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ اضافو جڏهن ته زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ  تحت ڪچي تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت ۾ 0.44 ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ قيمت 94.58 ڊالر في بيرل ٿي وئي. اهڙي طرح برينٽ ڪروڊ جي مستقبل جا سودا 0.50 ڊالر جي اضافي کان پوءِ 106.19 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. رپورٽ مطابق اسپاٽ گولڊ جي قيمت 1.09 ڊالر جي اضافي سان 4161.83 ڊالر في اونس ٿي وئي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ 0.61 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ان جي قيمت 58.71 ڊالر في اونس رهي. زرعي جنسن ۾ مڪئي جي قيمت هڪ ڊالر جي گهٽتائي سان 461.75 ڊالر في بشل جڏهن گه ڪڻڪ جي قيمت 3.50 ڊالر جي گهٽتائي سان 665.75 ڊالر في بشل ٿي وئي. ڪپهه جي قيمت ۾ 0.42 ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته زنده چوپائي مال جي قيمت 0.22 ڊالر في يونٽ گهٽ ٿي.

مزید خبریں