اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي مڪمل پابندي مسئلن جو حل ناهي ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجي پاڻي وانگر پنهنجو رستو پاڻ ڳولي ٿي، ان لاءِ ٻارن کي آن لائن خطرن کان بچائڻ لاءِ مڪمل پابندي بدرانِ مناسب ريگوليشن، شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ والدين جي رهنمائي اڻٽر آهي. هوءَ سومر …
ٽيڪنالاجي تي پابندي مسئلي جو حل ناهي، پاڻي وانگر پنهنجو رستو بڻائي وٺي ٿي، ٻارن جي محفوظ آن لائن مستقبل لاءِ شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ والدين جو ڪردار اڻٽر آهي: شزا فاطمه خواجه
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي مڪمل پابندي مسئلن جو حل ناهي ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجي پاڻي وانگر پنهنجو رستو پاڻ ڳولي ٿي، ان لاءِ ٻارن کي آن لائن خطرن کان بچائڻ لاءِ مڪمل پابندي بدرانِ مناسب ريگوليشن، شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ والدين جي رهنمائي اڻٽر آهي. هوءَ سومر ڏينهن سيف اسڪرول: پروٽيڪنگ آور چلڊرين آن لائن جي عنوان سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. پينل سيشن ۾، قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو جي چيئرپرسن ايم پي اي سائره احمد، ڊائريڪٽر جنرل پي ٽي اي محمد عارف سرغانه، اسامه خلجي به هن موضوع تي روشني وڌي. وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته ٻارن لاءِ انٽرنيٽ ۽ اسڪرين جي استعمال کي ڪنهن حد تائين کليل رکڻ آهي ۽ ڪٿي حد طئي ڪرڻا آهن، ان حوالي سان اسان کي فڪري ۽ نظرياتي وضاحت سان اڳتي وڌڻو پوندو. سڄي دنيا خاص ڪري او اي سي ڊي جي 20 کان 25 ملڪن ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي استعمال کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ مختلف فريم ورڪس ۽ قانون غور هيٺ آهن، جن ۾ آسٽريليا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جهڙا ملڪ اڳيان اڳيان آهن. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان ٽيڪنالاجي يا مخصوص پليٽ فارمز تي پابندي لڳائينداسين ٻار وي پي اين ذريعي ان تائين پهچ حاصل ڪري وٺندا جنهن سان هو اسان جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويندا غيرمناسب، نامناسب يا غير اخلاقي مواد تائين پهچي سگهن ٿا. اڄ جي نسل ڊجيٽل دنيا ۾ پيدا ٿي آهي، اسان پنهنجي ماضي جي ذهنيت مان انهن جي رويي ۽ ضرورتن جو اندازو نٿا لڳائي سگهون. هن چيو ته دنيا ۾ هي مڃيو وڃي ٿو ته ته اڪيلي سر حڪومتون ان ڳالهه جي مڪمل ضمانت نٿيون ڏئي سگهن ته ڪهڙو ٻار 16 سالن کان گهٽ عمر جو آهي ۽ آن لائن ڇا ڪري رهيو آهي ان لاءِ عالمي سطح تي وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ پليٽ فارمز تي به ذميواري وڌي پئي وڃي ته اي آءِ ۽ ٻين جديد ٽولز ذريعي عمر جي تصديق ۽ مواد جي تصديق کي يقيني بڻائين. شزا فاطمه خواجه واضح ڪيو ته چائلڊ گرومنگ، ڊاڪسنگ، جنسي استحصال ۽ ٻارن جو سائبر اسپيس ۾ استحصال سنگين ڏوهه آهن، جن جي روڪٿام لاءِ حڪومت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) کي فعال ڪيو آهي ۽ ان کي بهترين پيشيوراڻي صلاحيتن جي آفيسرن سان مضبوط بڻايو پيو وڃي ته جينهن اهڙين ڌرين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. وفاقي وزير آگاهي جي قدمن جو ذڪر ڪندي، ٻڌايو ته آئي ٽي واري وزارت گوگل جي سهڪار سان سيف رهو پروگرام متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ پيرنٽل ڪنٽرولز ۽ فيملي سيفٽي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ٽيلينار ۽ اين سي آر سي سان گڏجي 100 سرڪاري اسڪولن ۾ ساڍا 12 هزار شاگردن، استادن ۽ والدين کي ڊجيٽل سيفٽي جي تربيت ڏني وئي. ِ ميٽا سان پڻ ٻارن جي اڪائونٽس ۾ سخت اي آءِ ڪنٽرولز لاڳو ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته پي ڪي-سي سرٽ ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان جونيئر سائبر هيروز تحت ٻارن ۾ آگاهي پکيڙي پئي وڃي. شزا فاطمه خواجه قانون سازي جي حوالي سان ٻڌايو ته تجويز ڪيل پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل ۽ نيشنل سائبر سيڪيورٽي پاليسي ۾ ٻارن جي ڊيٽا جو تحفظ، رازداري ۽ والدين جي ڊجيٽل رضامندي جي فريم ورڪ کي خصوصي طور ترجيح ڏني پئي وڃي ته جيئن ٻارن جي ذاتي ڊيٽا ۽ تصويرن جو غلط استعمال روڪي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ جديد تعليم ۽ STEM مضمونن جي فراهمي لاءِ انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل ذريعا انتهائي ڪارآمد ثابت ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان جديد پليٽ فارمز کي مڪمل بند ڪنداسين ته مستقبل جون تعليمي گهرجون پوريون نه ٿي سگهنديون. ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن کي ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت (AI) ۽ رياضي جي ميدان ۾ پاڻ تخليقڪار نه بڻايو ته اسان عالمي سطح تي پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ بيان جي سڃاڻپ کي برقرار نه رکي سگهنداسين. هن تعليمي ادارن ۽ والدين تي زور ڀريو ته پرائمري اسڪولن ۾ اسڪرين جو غير ضروري استعمال گهٽايو وڃي ۽ اسڪولن ۾ بنيادي شهرين جي بنيادي تربيت ۽ اخلاقيات جي تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻارن جي تربيت جا متبادل قانون نٿا ٿي سگهن، جيستائين والدين پنهنجي ٻارن سان بامعنيٰ ڳالهين ۽ متوازن نگراني قائم نه ڪندا تيستائين پائيدار نتيجا حاصل نه ٿا ڪري سگهجن.











