اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان کي وائيس ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل شفاعت علي خان 1993ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. فليگ آفيسر پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور، نيول اسٽاف ڪاليج آمريڪا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي آهي. وائيس ايڊمرل شفاعت علي خان پنهنجي …
پاڪ بحريه جي ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان کي وائيس ايڊمرل جي عهدي تي ترقي
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان کي وائيس ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل شفاعت علي خان 1993ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. فليگ آفيسر پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور، نيول اسٽاف ڪاليج آمريڪا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي آهي. وائيس ايڊمرل شفاعت علي خان پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران مختلف ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو. سندس اهم ڪمانڊ مقررين ۾ ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس منصف، ڪمانڊنگ آفيسر اڳوڻي پي اين ايس شاهجهان، ڪمانڊر 10 هين پيٽرول ڪرافٽ اسڪواڊرن، ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ۽ ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج ۽ فليگ آفيسر سي ٽريننگ (FOST) شامل آهن. سندس اهم اسٽاف مقررين ۾ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جو فليٽ آپريشنز آفيسر، چين ۾ پاڪستان جي نيول اتاشي ۽ نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (ويلفيئر اينڊ هائوسنگ) جون اهم خدمتون شامل آهن. هن وقت، وائيس ايڊمرل شفاعت علي خان نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) ۽ ڊائريڪٽر جنرل C4I طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ کيس هلال امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي.











