اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي 13 ۽ 14 آڪتوبر 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران اسلام آباد ۾ پاڪستان عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٿيندو جنهن جي گڏيل صدارت ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ڪندا. پرڏيهي آفيس جي …
عمان جو پرڏيهي وزير 13 ۽ 14 آڪتوبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي 13 ۽ 14 آڪتوبر 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران اسلام آباد ۾ پاڪستان عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٿيندو جنهن جي گڏيل صدارت ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس پاڪستان ۽ عمان جي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندو. عمان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات پڻ متوقع آهي. اهو دورو پاڪستان ۽ عمان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جو عڪاس آهي ۽ اميد آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي.










