اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه لبنان جي سفير عبدالعزيز عيسي سومر ڏينهن دفاع واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. دفاع واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل اعتماد دلچسپي جي معاملن ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ يوئي. ان موقعي تي وفاقي وزير …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان لبناني سفير جي ملاقات، پاڪستان لبنان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه لبنان جي سفير عبدالعزيز عيسي سومر ڏينهن دفاع واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. دفاع واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل اعتماد دلچسپي جي معاملن ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ يوئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف لبنان سان پاڪستان جي پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ٻئي ڀائر اسلامي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپا اعتماد، خيرسگالي ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ لبنان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











