نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري ۽ اضافي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ نگراني جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري ۽ اضافي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪميٽي جي گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي مڪمل ۽ موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، هن خرچن کي ضروري معاملن تائين محدود رکڻ ۽ وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال جي اهميت تي زور …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري ۽ اضافي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪميٽي جي گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي مڪمل ۽ موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، هن خرچن کي ضروري معاملن تائين محدود رکڻ ۽ وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري ۽ اضافي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ نگراني جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ تي خاص ڌيان ڏيندي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن کي هدايت ڪئي ته گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي مڪمل ۽ موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن خرچن کي ضروري معاملن تائين محدود رکڻ ۽ قومي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا سيڪريٽري، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.