اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاڪ فوج جي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جهاز حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت قومي نقصان آهي، حادثي جي خبر ٻڌي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت قومي نقصان …
وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران پاڪ فوج جي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاڪ فوج جي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جهاز حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت قومي نقصان آهي، حادثي جي خبر ٻڌي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت قومي نقصان آهي، شهيد پائلٽس جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته حادثي ۾ شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، الله تعاليٰ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن کي صبر عطا فرمائي.











