اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ ٻنهي شهيد پائلٽس جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان ۾ هن …
پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ ٻنهي شهيد پائلٽس جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان ۾ هن چيو ته ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي دلي طور ڏکويل آهيان ۽ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ ٻنهي شهيد پائلٽس جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ شهيد ڪيپٽن عبدالصمد جي مغفرت ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطاڪري ۽ سوڳوار خاندانن کي صبر ۽ اهو صدمو برادشت ڪرڻ جي همت عطا ڪري.










