صدر آصف علي زرداري سان ناروي، آذربائيجان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي نامزد سفيرن جي ملاقات، سفارتي سندون پيش، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ناروي، آذربائيجان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر ٽنهي سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۾ انهن جي سفارتي ذميوارين جي ڪامياب دور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن دوران ٻطرفي لاڳاپن …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ناروي، آذربائيجان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر ٽنهي سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۾ انهن جي سفارتي ذميوارين جي ڪامياب دور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ خاص طور تي اقتصادي تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن تي ڌيان ڏنو ويو. ناروي جي نامزد سفير اسگوالڊ هائوگ سان ملاقات ۾ صدر پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن 2022ع ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ناروي جي امداد کي ساراهيو ۽ اپريل 2026ع ۾ موسمياتي تعاون بابت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. صدر قابل تجديد توانائي، سامونڊي معاملن، ٽيڪنالاجي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي موقعن کي اجاگر ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. آذربائيجان جي نامزد سفير عرفان شاڪر اوغلو دائودوف سان ڳالهائيندي صدر پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. هن مضبوط سياسي رابطن کي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر توانائي، علائقائي رابطن ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو، دفاعي صنعتي تعاون ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطا سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سوئيٽزرلينڊ جي نامزد سفير اسٽيفن لائورينٽ ري سان ملاقات ۾ صدر ثالثي ۽ امن جي ڪوششن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ۾ برگن اسٽاڪ ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري به شامل آهي. صدر علائقائي امن جي لاءِ مسلسل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو ۽ واپار، سيڙپڪاري، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائبر سيڪيورٽي، قابل تجديد توانائي، پاڻي انتظام ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي موقعن کي اجاگر ڪيو. انهن ملاقاتن دوران سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.

مزید خبریں