بئنڪاڪ - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سومر ڏينهن بئنڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي پاڪستان کان بورورز پليٽ فارم جي گورننگ ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. ناڻي واري وزارت مطابق، ان موقعي تي ڳالهائيندي، ناڻي واري وفاقي وزير پليٽ فارمز کي فعال بڻائڻ ۾ مصر جي قيادت، ميمبر ملڪن ۽ …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب بورورز پليٽ فارم جي گورننگ ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي

مزید خبریں
بئنڪاڪ – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سومر ڏينهن بئنڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي پاڪستان کان بورورز پليٽ فارم جي گورننگ ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. ناڻي واري وزارت مطابق، ان موقعي تي ڳالهائيندي، ناڻي واري وفاقي وزير پليٽ فارمز کي فعال بڻائڻ ۾ مصر جي قيادت، ميمبر ملڪن ۽ سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته اجتماعي سوديبازي جو فورم بڻجڻ يا بحرانن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار طور ڪم ڪرڻ بدران، بورورز پليٽ فارم جو مقصد گڏيل تجربن مان سکڻ ۽ فني تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. هن 27-2026ع جي عملي منصوبي تحت پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وڌي جن ۾ قرضن جي انتظام جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ، سڌارن جي تجربن جي مٽاسٽا ۽ ترقياتي ماليات لاءِ جديد ذريعا تلاش ڪرڻ شامل آهن. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان عملي قدم لاڳو ڪرڻ ۽ ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڳالهه تي زور قرض اوسر جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ بدران ترقي وارو ذريعو هئڻ گهرجي. ناڻي واري وزير پليٽ فارم جي اداراجاتي بنيادن، انتظآمي ڍانچي ۽ گڏيل عملي پروگرام جوڙڻ ۾ تيز رفتار اڳڀرائي جي آجيان ڪئي، ۽ امڪاني ميمبر ملڪن جي وڌندڙ دلچسپي کي به ساراهيو. هن اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ ناڻي واري وزير گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ بابت سماجي ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري آرميدا سالسيا علي سجهبانا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي ترجيحن ۽ تعاون جي امڪاني موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ ڍانچاجاتي سڌارن ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي ذريعي انهن ڪاميابين کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ تيز رفتار واڌ کي وڏا چئلينج قرار ڏيندي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري، اڳواٽ خبرداري نظام ۽ قابل عمل موسمياتي منصوبن جي ترقي لاءِ فني مدد جي ضرورت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ڊجيٽل مهارتن، روزگار، پائيدار ماليات، توانائي جي منتقلي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان لاءِ امڪاني فني مدد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير پاليسي تجزئي کي قابل عمل قدمن ۽ بهتر نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير عالمي مالياتي فنڊ جي فرسٽ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊين ڪاٽز سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، آءِ ايم ايف جي سهڪار سان هلندڙ پروگرام تي اڳڀرائي ۽ ڍانچاجاتي سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري، خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ واڌ ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس تائين ٻيهر پهچ تي روشني وڌي. هن مالياتي نظم و ضبط، ٽيڪس سڌارن، نجڪاري ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح جي معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ مالياتي ڪارڪردگي، پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن، ناڻي واڌ ۽ ٻاهرين شعبي جي استحڪام ۾ بهتري جي تائيد ڪئي. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي تڪرار جي توانائي جي قيمتن ۽ ناڻي واڌ تي پوندڙ اثرن، مالياتي گنجائش اندر رهندي معاشي طور ڪمزور طبقن کي هدفي رليف فراهم ڪرڻ جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين مسلسل تعاون جاري رکڻ ۽ ٻاهرين چئيلنجن جي روشني ۾ معاشي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.










