پرڏيهي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي وچ ۾ ڊيٽابيس جي انضمام بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، اهو قدم دستاويزن جي تصديق جي خدمتن کي وڌيڪ پهچ جوڳو، موثر ۽ آسان بڻائڻ طرف مثبت اڳڀرائي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وچ ۾ ڊيٽابيس جي انضمام بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشت سان تعليمي دستاويزن جي تصديق جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، شفافيت ۾ اضافي ۽ دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڊيجيٽل سرٽيفڪيٽس …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وچ ۾ ڊيٽابيس جي انضمام بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشت سان تعليمي دستاويزن جي تصديق جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، شفافيت ۾ اضافي ۽ دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڊيجيٽل سرٽيفڪيٽس ۽ آن لائين سهولتن جي ذريعي دير ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ آفيسن جي ذاتي دورن جي ضرورت ختم ٿي ويندي جنهن سان خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ملندي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قونصلر خدمتن کي بهتر بڻائڻ سدائين سندس ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي جنهن تحت 2024ع ۾ پاڪستان ۾ اپوسٽيل نظام جي شروعات پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته اڄ جو هي قدم پاڪستاني شهرين جي لاءِ ڀلي اهي ملڪ ۾ هجن يا ٻاهرئين ملڪ، دستاويزن جي تصديق جي خدمتن کي وڌيڪ پهچ جوڳو، موثر ۽ آسان بڻائڻ طرف هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان قدم کي اڳتي وڌائڻ ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن خاص طور تي پرڏيهي وزارت، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں