وزيراعظم شهباز شريف پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن لاءِ قرضن جي مجموعي ماليت 2028ع تائين 1.1 ٽريلين مان وڌائي 2.2 ٽريلين رپيا ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ قرضن جي مجموعي ماليت 2028ع تائين 1.1 ٽريلين رپين مان وڌائي 2.2 ٽريلين رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سميڊا ۾ جاري سڌارن جو محور ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ آهي، پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي مختلف شعبن ۾ …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ قرضن جي مجموعي ماليت 2028ع تائين 1.1 ٽريلين رپين مان وڌائي 2.2 ٽريلين رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سميڊا ۾ جاري سڌارن جو محور ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ آهي، پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي مختلف شعبن ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ انهن علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سميڊا جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪاروباري طبقو ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو جڏهن ته پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) ۾ ملڪي معيشت کي فروغ ڏيڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته سميڊا ۾ جاري سڌارن جو محور ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل علائقن جي عوام کي بااختيار بڻائڻ سان انهن علائقن مان وڏن شهرن طرف لڏپلاڻ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ملڪ جي مجموعي ترقي کي فروغ ملندو. پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي مختلف شعبن ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ انهن علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سميڊا وڌ کان وڌ ماڻهن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ۽ عوام ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن هدايت ڪئي ته مختلف شعبن ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار قائم ڪرڻ جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊيز شعبن جي ماهرن کان تيار ڪرائي وڃي ۽ انهن کي مقامي زبانن ۾ به دستياب بڻايو وڃي ته سڄي ملڪ جا خواهشمند ڪاروباري ماڻهو ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ قرضن جي مجموعي ماليت 2028ع تائين 1.1 ٽريلين رپين مان وڌائي 2.2 ٽريلين رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي سميڊا ۾ جاري سڌارن ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سميڊا کي هڪ مرڪزي پليٽ فارم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جيڪو ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار قائم ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ مالي مدد حاصل ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن سان رابطي ۾ سهولت فراهم ڪندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايم اي شعبي سان واڳيل ماڻهن تائين موثر پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ سميڊا جون آفيسون قائم ڪيون پيون وڃن. شهرين جي سهولت لاءِ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل هيلپ لائين قائم ڪئي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهن کي مقامي زبانن ۾ معلومات ۽ رهنمائي فراهم ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي اي ڪامرس ڪمپني علي بابا ۽ سميڊا جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي چڪيون آهن جنهن تحت ٻن سالن جي عرصي ۾ 10 هزار ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) کي تربيت ڏني ويندي. ايس ايم اي ڊيجيٽل پورٽل کي وڌيڪ موثر ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ آسان بڻائڻ جي لاءِ سڌارا جاري آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ ۽ چوڌري سالڪ حسين، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں