اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پرڏيهي سيڪريٽري سفير عاصم افتخار احمد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سفير عاصم افتخار احمد کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي …
صدر آصف علي زرداري سان پرڏيهي سيڪريٽري سفير عاصم افتخار احمد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پرڏيهي سيڪريٽري سفير عاصم افتخار احمد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سفير عاصم افتخار احمد کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي تجربي ۽ عزم کي استعمال ۾ آڻيندو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، تعميري سفارتي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر پرڏيهي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










