اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، ڪوئيٽا ۾ آرمي ايوي ايشن تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ انسٽرڪٽر پائلٽ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ تربيت هيٺ پائلٽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت افسوسناڪ واقعو آهي. ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. سينيٽر روبينه خالد، …
بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن پاران ڪوئيٽا ۾ آرمي ايوي ايشن تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، ڪوئيٽا ۾ آرمي ايوي ايشن تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ انسٽرڪٽر پائلٽ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ تربيت هيٺ پائلٽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت افسوسناڪ واقعو آهي. ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. سينيٽر روبينه خالد، شهيد پائلٽس جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن کي صبر عطا فرمائي.










