لاهور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته واپاري برادري کي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم استعمال ۾ آڻي رهي آهي، سيڙپڪاري بورڊ ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، خصوصي اقتصادي زونز جي …
واپاري برادري کي سهولتن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، حڪومت معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
لاهور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته واپاري برادري کي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم استعمال ۾ آڻي رهي آهي، سيڙپڪاري بورڊ ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي، ون ونڊو سهولت جو قيام ۽ سيڙپڪارن کي بهتر ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دوري جي موقعي تي ڪاورباري برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي پاليسين ۽ ڪاروباري برادري وچ ۾ موثر رابطا ضروري آهن. خصوصي اقتصادي زونز جي ڪردار کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي زونز صنعتي ترقي، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، حڪومت خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي ۽ سيڙپڪارن کي هڪ ئي هنڌ تي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ صنعتن جي قيام جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي اٽڪل 6 هزار ايڪڙ زمين کي خصوصي اقتصادي زون ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، هن نجي شعبي تي زور ڀريو ته هو ان منصوبي سميت ملڪ ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي ۽ صنعتي ۽ معاشرتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري سڌارن جي عمل جو مقصد طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، غير ضرروي ضابطه جاتي بار گهٽ ڪرڻ، سرڪاري ادارن وچ ۾ رابطاڪاري بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ شفاف ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت سيرپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ڪاروباري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پاليسي سازي ۾ واپارين جي موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاهور چيمبر سان گڏجي ڪم ڪندي.











