صنعت ۽ پيدوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار جي چيني شينگ تانگ گروپ جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان سان چيني شينگ تانگ گروپ جي وفد ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي شينگ تانگ گروپ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا مختلف موقعا ڳولڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزارت موجب شينگ تانگ گروپ پاڪستان ۾ 10 ملين ڊالرن جي ماليت جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي خواهشمند آهي. چيني وفد صنعتي ترقي، …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان سان چيني شينگ تانگ گروپ جي وفد ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي شينگ تانگ گروپ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا مختلف موقعا ڳولڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزارت موجب شينگ تانگ گروپ پاڪستان ۾ 10 ملين ڊالرن جي ماليت جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي خواهشمند آهي. چيني وفد صنعتي ترقي، انفر اسٽرڪچر، سياحت، اليڪٽرڪ وهيڪلز ، ريلوي، توانائي ۽ شهري ترقي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ به دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ملاقات دوران ڳالهائيندي هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين سان تعاون جي ويزن کي عملي شڪل ڏني پئي وڃي، هن چيو ته وزيراعظم جون واضح هدايتون آهن ته چيني سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ڪاروبار دوست ريگوليٽري سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ لينڊ ليز ماڊل موجود آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو هي موزون وقت آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجي قابل اعتماد حيثيت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي.

مزید خبریں