لاڙڪاڻو پوليس جون ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائيون، 7 موٽر سائيڪلون تحويل ۾ وٺي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

لاڙڪاڻو- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪندي 7 موٽر سائيڪلون تحويل ۾ وٺي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڳالهائيندي چيو ته ون ويلنگ جهڙي خطرناڪ عمل سان نه رڳو نوجوانن جي پنهنجي زندگي به خطري ۾ پئجي وڃي ٿي پر روڊ تي هلندڙ ٻين شهرين جي زندگين کي به …

لاڙڪاڻو- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪندي 7 موٽر سائيڪلون تحويل ۾ وٺي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڳالهائيندي چيو ته ون ويلنگ جهڙي خطرناڪ عمل سان نه رڳو نوجوانن جي پنهنجي زندگي به خطري ۾ پئجي وڃي ٿي پر روڊ تي هلندڙ ٻين شهرين جي زندگين کي به خطرا لاحق ٿين ٿا، جڏهن ته اهڙا قدم ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل ۽ حادثن جو سبب پڻ بڻجي سگهن ٿا. ايس ايس پي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ون ويلنگ ۽ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائيون جاري رکيون وڃن ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. لاڙڪاڻو پوليس نوجوانن ۽ شهرين کي گذارش ڪئي آهي ته هو ون ويلنگ جهڙي خطرناڪ عمل کان پاسو ڪن، ٽريفڪ قانونن جي پابندي ڪن ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ ۾ پوليس سان سهڪار ڪن.

مزید خبریں