اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيرت انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سيرت النبي ﷺ انصاف، گڏيل احترام ۽ ڳالهه ٻولهه جو درس ڏنو آهي، سيرت النبي ﷺ جي تعليم عالم امن، انصاف ۽ قومن جي وچ ۾ پُل تعمير ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، مذهبي ۽ سياسي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران سيرت انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيرت انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سيرت النبي ﷺ انصاف، گڏيل احترام ۽ ڳالهه ٻولهه جو درس ڏنو آهي، سيرت النبي ﷺ جي تعليم عالم امن، انصاف ۽ قومن جي وچ ۾ پُل تعمير ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، مذهبي ۽ سياسي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي تڪرارن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردر ادا ڪيو آهي، اڄ پاڪستان کي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردا ادا ڪندڙ ملڪ جي طور تي سڃاتو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن هتي قومي رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبيين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ ٽئين عالمي سيرت فيسٽيول جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم نيشنل رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبيين اٿارٽي جي چيئرمين خورشيد احمد نديم، ميمبرن، ذميوارن ۽ منتظمين کي پنهنجي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جو ذڪر دلين جي لاءِ راحت آهي ۽ پاڻ ﷺ جي تعليم تي عمل دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته سيرت النبي ﷺ جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ معاشري ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ فيسٽيول جي علمي ويهڪن ۽ عالمي ڪانفرنس کانسواءِ ڪتاب ميلا، يوٿ ڪنوينشن، نعتيه مشاعرو، محفل نعمت ۽ خطاطي جي نمائش سميت ڪيتريون سرگرميون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته سيرت النبي ﷺ اسان جي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ جو واحد رستو آهي ۽ بحيثيت امتي اها اسان جي ذميواري آهي ته پاڻ ﷺ جي تعليم جو پيغام پوري دنيا تائين پهچايون. نائب وزيراعظم عالمي ڪانفرنس جي موضوع “قومن جي وچ ۾ پُلين جي تعمير: سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾” کي بامعنى ۽ وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي موضوع جي وقت سر چونڊ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته دنيا هن وقت مختلف تڪرارن ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار آهي ۽ مختلف خطن ۾ ٽڪراءُ وڌي رهيو آهي، وچ اوڀر، سوڊان، صوماليه، يمن، ليبيا، روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ان صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ اضطراب خاص طور تي غزه ۽ اوڀر يروشلم جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حل طلب آهي ۽ روس ۽ يوڪرين جي جنگ به جاري آهي. اسحاق ڊار چيو ته اهي واقعا ظاهر ڪن ٿا ته گڏيل قومن جهڙي اداري جي موجودگي جي باوجود عالمي برادري تڪرارن ۽ جنگين کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهي. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ عالمي امن ۽ ترقي جي مقصدن جي لاءِ گڏيل قومن، عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ سميت عالمي ادارا قائم ڪيا ويا پر اڄ به دنيا امن جي ڳولا ۾ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته عالمي نظام ۾ موجود خال سان ظالم فائدو کڻن ٿا ۽ غزه کان والاريل ڪشمير تائين انساني جان ۽ آبرو جو احترام نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اها صورتحال عالمي نظام ۾ انصاف ۽ اصولن جي هڪ جهڙي لاڳو جي کوٽ کي نمايان ڪري ٿي. هن چيو ته جڏهن اخلاقي قدر ختم ٿي وڃن ته بستيون جهنگ بڻجي وڃن ٿيون ۽ انسان ۽ حيوان جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو، اسان جو ايمان آهي ته حضرت محمد ﷺ جي تعليم اهي اخلاقي قدر عطا ڪري ٿي جيڪي قومن جي لاڳاپن کي عزت، احترام ۽ انصاف جي اصولن تي قائم ڪري سگهي ٿي ۽ دنيا مان ظلم ۽ ناانصافي جي خاتمي ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. سيرت النبي ﷺ قومن جي وچ ۾ پُل تعمير ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿي. اسحاق ڊار چيو ته تاريخ شاهد آهي ته نبي ڪريم ﷺ جنگ کي به اخلاقي قدرن جو پابند بڻايو، مذهبي هم آهنگي جي تعليم ڏني ۽ پرڏيهي پاليسي جا اهڙا اصول عطا فرمايا جيڪي عالمي امن جي ضمانت بڻجي سگهن ٿا. خطبه حجته الوداع هڪ اهڙو چارٽر آهي جنهن ۾ انسانن جي وچ ۾ نسل جي بنياد تي فرق کي سدائين جي لاءِ ختم ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته مسلمان محققين سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪن ۽ دنيا کي ٻڌائين ته هڪ اهڙو عالمي نظام ڪيئن قائم ڪري سگهجي ٿو جيڪو مضبوط اخلاقي بنيادن تي قائم هجي ۽ جنهن ۾ طاقت بدران انصاف جي حڪمراني، ان مقصد جي لاءِ سيرت پاڪ ﷺ تي لاڳو تحقيق جي سخت ضرورت آهي. نائب وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته نيشنل رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبيين اٿارٽي پنهنجي تحقيقي منصوبن ۾ ان ضرورت کي نظر ۾ رکيو آهي ۽ فيسٽيول جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس جي لاءِ موضوع جي چونڊ به ان جو واضح ثبوت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالن جي اشاعت سفارتڪاري جي لاءِ نوان اخلاقي بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته گذريل عرصي ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پُل تعمير ڪرڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان 47 سالن کانپوءِ متحارب ملڪن کي اسلام آباد ۾ سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ ميز تي ويهاريو. هن چيو ته جنهن پاڪستان کي ڪجهه سال اڳ دهشتگردي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، اڄ الحمدالله ان کي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ جي طور تي سڃاتو پيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون ۽ هڪ مسلمان جي حيثيت سان انساني جانين ۽ ملڪيتن جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان آيو، جتي هن پاڪستان جي امن ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته اهو الله تعالى جو خاص فضل ۽ ڪرم آهي جو پاڪستان کي هاڻي امن قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو. نائب وزيراعظم ٻڌايو ته ناروي ۾ تازو ئي منعقد هڪ فورم ۾ اولهه ملڪن جي مقررين واضح طور تي چيو ته پاڪستان کي هن خطي ۾ لازمي طور تي هڪ نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهو پاڪستان جو فرض به آهي ڇو ته هن وقت خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ سان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾و ڏو انگ اسلامي ملڪن جو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار کانسواءِ وچ اوڀر ۾ گڏيل ڇڪتاڻ ۽ حملن سان به مسلمان امت جا مختلف ميمبر متاثر ٿي رهيا آهن. اسحاق ڊار نبي ڪريم ﷺ جي ان حديث جو حوالو ڏنو ته امت هڪ جسم وانگر آهي ۽ جسم جي ڪنهن به حصي کي تڪليف پهچي ته پورو جسم ان تڪليف کي محسوس ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ به امن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سيرت پاڪ ﷺ مان اهو سبق ملي ٿو ته امن جي لاءِ انصاف، گڏيل احترام ۽ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي. جنگ ۽ ٽڪراءُ بدران ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏيڻ گهرجي جڏهن ته سيرت النبي ﷺ جو پيغام به اهو ئي آهي ته جارحيت کي منهن ڏيڻ تي دفاع جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان امن جي لاءِ عالمي برادري کي هڪ ميز تي گڏ ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي دفاع ۾ جارح جي غرور کي خاڪ ۾ ملائڻ جي صلاحيت به رکي ٿو. هن معرڪه حق کي ان جو مثال قرار ڏيندي چيو ته 2025ع ۾ الله تعالى پاڪستان کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ڪاميابي عطا ڪئي، جنهن کي دنيا تسليم ڪيو. هن چيو ته سيرت النبي ﷺ مان رهنمائي وٺندي پاڪستان رڳو فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ۽ مخالف وانگر شهرين ۽ انهن جي بنيادي ڍانچي کي نشانو نه بڻايو. هن ٻڌايو ته سول ۽ عسڪري قيادت گڏيل مشاورت سان فيصلا ڪيا ۽ فضائي ڪاررواين دوران پاڪستان جي فضائي حدن جي تحفظ ۽ هدفن جي چونڊ جي حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت هدايت ڪئي هئي ته ان وقت تائين حملو نه ڪيو وڃي جيستائين مخالف جهاز پاڪستاني فضائي حدون عبور نه ڪري. هن چيو ته انهن پابندين جي باوجود پاڪستاني فضائيه جي جوانن ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪڏهن اهي پابنديون نه هجن ها ته ممڪن طور تي مخالف جا وڌيڪ ويڙهاڪ جهاز ڪيرائي سگهجيا پئي. هن ان فيصلي کي نبي ڪريم ﷺ جي سنت موجب قرار ڏنو. نائب وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ جڏهن مخالف زميني سطح کان زميني هدفن جي خلاف جارحيت ڪئي ۽ ايندڙ 72 ڪلاڪن دوران اٽڪل 80 ڊرونز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ گردش ڪندا رهيا ته 9 مئي جي رات سول ۽ عسڪري قيادت فيصلو ڪيو ته فضائي ڪاررواين کانپوءِ زميني سطح تي به جواب ڏيڻو پوندو ته جيئن قوم ۽ دنيا کي واضح پيغام ڏئي سگهجي ته پاڪستان کي ڪمزور نه ٿو سمجهي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان شروع ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته مخالف پنهنجي ڪاررواين کي صحيح ثابت ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان تي الزام هنيا. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پرڏيهي وزارت کي فعال رکيو ۽ دنيا جي مختلف گادي وارن شهرن سان مسلسل رابطي ۾ رهي حقيقتن کان آگاهه ڪيو، پاڪستان واضح ڪيو هو ته پنهنجي ڪارروايين کي لڪايو نه ويندو هر حملي ۽ جوابي ڪارروائي جا تفصيل دنيا آڏو رکيا ويندا. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڪو اهڙو حملو نه ڪيو جنهن ۾ شهرين کي نشانو بڻايو ويو هجي، پر ڪارروايون فوجي ٺڪاڻن جي خلاف ڪيون ويون. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو ۽ اهو واضح ڪيو ته جيڪڏهن ان جي خلاف اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. اسحاق ڊار چيو ته قومن جي وچ ۾ پُل تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جو پنهنجي داخلي معاملن جي اصلاح جي لاءِ سيرت پاڪ ﷺ طرف رجوع ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستاني معاشري کي انتهاپسندي جو چئلينج درپيش آهي ۽ ان حقيقت کان اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته انتهاپسندي مذهب جي نالي تي به سامهون اچي ٿي ۽ سياست ۾ به، اصل مسئلو اختلاف نه آهن پر اختلافن جا آداب آهن، مذهبي ۽ سياسي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. نائب وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان 2012ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر هڪ ووٽ جي برتري سان چونڊيو هو جڏهن ته 2024ع ۾ اڳئين ٻن سالن جي مدي جي لاءِ چونڊ ۾ پاڪستان 182 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ 5 ووٽ آيا. هن چيو ته پهرين جنوري 2025ع کان 31 ڊسمبر 2026ع تائين پاڪستان سلامتي ڪائونسل جو ميمبر آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران پاڪستان “گهڻ رخي تعاون ۽ تڪرارن جو پرامن حل” کي موضوع بڻايو. هن چيو ته اسلام، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ قرآن حڪيم امن جو پيغام ڏين ٿا. اسحاق ڊار چيو ته الله تعالى کيس پاڪستان جي نمائندگي ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڏنو، 12 سالن کانپوءِ ان موضوع تي پيش ڪئي ويندڙ قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو ۽ سلامتي ڪائونسل جي سمورن 15 ميمبرن ان جي حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سيرت انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان فنڊ جي لاءِ شروعاتي طور تي 10 ڪروڙ رپيا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته حڪومت سيرت النبي ﷺ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سيرت انسائيڪلوپيڊيا جهڙن منصوبن جي تڪميل جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته مذهب ۽ سياست جي نالي تي انتهاپسندي جي اجازت نه هجڻ گهرجي. اختلاف راءِ آداب سان هجڻ گهرجي ۽ مختلف راءِ کي کليل ذهن سان ٻڌڻ گهرجي، ڇو ته ممڪن آهي ته ٻي ڌر اسان جي سوچ ک ان بهتر راءِ پيش ڪري. مذهبي ۽ سياسي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ اختلافن جي باوجود هڪ ٻئي جو احترام برقرار رکي سگهجي ٿو. ان مقصد جي لاءِ سيرت النبي ﷺ طرف رجوع ڪرڻ ضروري آهي. اسحاق ڊار چيو ته نئين نسل ۾ سيرت پاڪ ﷺ سان ماخوذ اعلى اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن ئي قدرن جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آهي. نيشنل رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبيين اٿارٽي ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته اٿارٽي ان شعبي ۾ قابل قدر ڪم ڪيو آهي. چيئرمين خورشيد احمد نديم پاران پيش ڪيل تحقيقي ڪوششن ۽ شايع ٿيندڙ ڪتابن کي ساراهيندي هن چيو ته اٿارٽي پنهنجي قائم ڪرڻ جي اٽڪل 3 کان ساڍا 3 سالن جي مختصر عرصي ۾ نمايان نتيجا حاصل ڪيا آهن. هن چيئرمين ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته سيرت سان ماخوذ قدرن تي ٻڌل عملي تعليمي ماڊل جوڙڻ جي ضرورت آهي. اٿارٽي جي قيادت ۽ ان جي ٽيم جي ڪوششن سان پاڪستان جي معاشري جي اصلاح جي لاءِ گڏيل احترام ۽ محبت تي ٻڌل بيانيي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ان مقصد جي لاءِ اٿارٽي جي قيام جو قانون ٺاهيو آهي ۽ ادارو ان اهم ذميواري کي نڀائڻ جي لاءِ موزون آهي. هن چيو ته قرآن حڪيم هڪ جامع ضابطه حيات آهي جيڪو قيامت تائين جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. ان تي تحقيق جي ذريعي اطلاقي تحقيق جي ميدان ۾ نوان رخ سامهون اچي سگهن ٿا. پاڪستان معاشري جي اصلاح جي لاءِ گڏيل احترام ۽ محبت تي ٻڌل ڪوششون وقت جي اهم ضرورت آهن، جڏهن ته قوم کي اهڙي بيانيي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته هن اداري کي پارليامينٽ جي حمايت حاصل آهي ۽ وزيراعظم ان جو سرپرست اعلى آهي. اسحاق ڊار سيرت انسائيڪلوپيڊيا جهڙي منصوبي جي شروعاتي تي اٿارٽي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو ان سعادت جو تعلق اردو زبان سان ٿيندو. هن يقين ڏياريو ته حڪومت ان منصوبي جي تڪميل جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪندي ۽ سيرت جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ وسيلن جي کوٽ کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو ويندو. هن سرنديءَ وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي به سيرت انڊوومنٽ فنڊ ۾ عطيا ڏئي ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهن ته جيئن معاشري ۾ سيرت پاڪ ﷺ جي تعليم عام ٿئي ۽ تعصب، نفرت، ظلم، ناانصافي ۽ انتهاپسندي جو سدائين جي لاءِ خاتمو ٿئي. هن دعا ڪئي ته سيرت پاڪ ﷺ جي خوشبو پوريءَ دنيا ۾ پکڙجي.










