سرڪاري حج اسڪيم 2027ع تحت حج جي خواهشمندن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جاري آهي، مجموعي طور 32 ارب 60 ڪروڙ روپيا وصول ٿيا

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سرڪاري حج اسڪيم 2027ع تحت حج جي خواهشمندن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جاري آهي ۽ هن وقت تائين 51 هزار 500 پانڌيئڙن رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائي آهي، ٻي قسط جي مد ۾ مجموعي طور 32 ارب 60 ڪروڙ روپيا وصول ٿي چڪا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب 26 هزار حج پانڌيئڙن کي ون لنڪ ذريعي، …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سرڪاري حج اسڪيم 2027ع تحت حج جي خواهشمندن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جاري آهي ۽ هن وقت تائين 51 هزار 500 پانڌيئڙن رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائي آهي، ٻي قسط جي مد ۾ مجموعي طور 32 ارب 60 ڪروڙ روپيا وصول ٿي چڪا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب 26 هزار حج پانڌيئڙن کي ون لنڪ ذريعي، جڏهن ته 2 هزار 126 پانڌيئڙن بئنڪ ڪارڊ ذريعي ادائيگي ڪئي، اهڙي طرح 23 هزار 200پانڌيئڙن مينوئل بئنڪ چالان ذريعي روڪ رقم جمع ڪرائي. حج پورٽل ذريعي گهر ويٺي آن لائن ادائيگي ڪندڙن جو تناسب 55 سيڪڙو برقرار آهي، ترجمان ٻڌايو ته سرڪاري حج اسڪيم 2027ع تحت رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 آڪٽوبر آهي.

مزید خبریں