پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سومر ڏينهن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختوخواهه جي مڪمل حمايت ڪندي ۽ صوبي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب هو هتي گورنر هائوس ۾ منعقد صوبائي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو …
وفاقي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخواهه جي ڀرپور حمايت ڪندي: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سومر ڏينهن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختوخواهه جي مڪمل حمايت ڪندي ۽ صوبي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب هو هتي گورنر هائوس ۾ منعقد صوبائي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، جنهن جي صدارت هن ڪي پي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏيل طور ڪئي. گهرو وزيرچيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دهشتگردي جي موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ خيبرپختونخواه جي پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي صلاحيت وڌائڻ خاطر هر ممڪن تعاون ڪندي، جنهن ۾ ضروري وسيلن ۽ ساز ۽ سامان جي فراهمي به شامل آهي، هن ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران عظيم قربانيون ڏيندڙ خيبرپختونخوا پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ان فورس سنگين سيڪيورٽي چئلينجز باوجود مثالي جرئت ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ان وقت تائين موثر طريقي سان ممڪن آهي جڏهن صوبائي حڪومت ٺوس، جامع ۽ مسلسل ڪوششن ذريعي ان لعنت جو مقابلو ڪرڻ ۾ قيادت ڪري. هن نشاندهي ڪئي ته گذريل حڪومت جي دهشتگدي خلاف ڪمزور ۽ غير موثر حڪمت عملي سبب گذريل اڍائي سالن دوران خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال خراب هئي. هن زور ڀريو ته امن امان برقرار رکڻ بابت آئيني ذميوارين ۽ فرضن کي موثر طريقي سان پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته هو مشڪل حالتن ۾ ثابت قدم رهن ۽ جرئت جو مظاهرو ڪن ۽ چيو ته ”اسان درست رستي تي گامزن آهيون ۽ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام امن لاءِ پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪيو ۽ آئين تحت گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ صوبي ۾ ڪٿي به ڪو اڻوڻندڙ واقعو رپورٽ نه ٿيو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام امن، استحڪام ۽ ترقي جو خواهشمند آهي ۽ کين لانگ مارچ ۽ احتجاج جي سياست ۾ ڪابه دلچسپي ناهي.










