راولپنڊي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان برازيل جي هٿياربند فوج جي چيف آف دي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، ايڊمرل ريناٽو روڊريگزڊي اگويار فريري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد سومر ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق جي ايڇ ڪيو …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان برازيل جي چيف آف دي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات، دفاعي تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون
راولپنڊي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان برازيل جي هٿياربند فوج جي چيف آف دي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، ايڊمرل ريناٽو روڊريگزڊي اگويار فريري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد سومر ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق جي ايڇ ڪيو آمد تي معزز مهمان کي هٿياربند فوج جي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفو دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برازيل وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي عسڪري سطح تي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير برازيل سان دفاع جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معزز مهمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق برازيل جي وفد جو هي دورو پاڪستان ۽ برازيل وچ ۾ دفاعي ڀائيواري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ ٻه طرفن عسڪري رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











