اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ناصر محمود سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي پي جي مارڪيٽنگ ۽ آءِ ٽي شعبي …
قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پاران مختلف شعبن ۾ تعاون تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ناصر محمود سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي پي جي مارڪيٽنگ ۽ آءِ ٽي شعبي سان واڳيل ماڻهو پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ اي پي پي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ناصر محمود يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۽ انهن جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ايم ڊي اي پي پي سبين عثمان خٽڪ ٻڌايو ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان قومي بيانيي کي فروغ ڏئي رهي آهي ۽ وڊيو نيوز سروس، ڊيجيٽل سميت مختلف قومي، علائقائي ۽ عالمي زبانن ۾ خبرون نشر ڪري ٿي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اي پي پي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ جلد هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون.










