حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا، جمعي جي ڏينھن ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پاران سندس اداري جي ماتحت شعبن ۾ تحقيق ۽ انٽرنشپ ڪندڙ يونيورسٽي جي شاگردن تي پابندي ھڻڻ واري ليٽر تي حيرانگي جو اظھار ڪندي، ان کي غيرسنجيده عمل قرار ڏنو آھي، يونيورسٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته امن امان جي صورتحال بابت يونيورسٽين لاءِ ون گيٽ …
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا جو ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پاران سندس اداري جي ماتحت شعبن ۾ تحقيق ۽ انٽرنشپ ڪندڙ يونيورسٽي جي شاگردن تي پابندي ھڻڻ واري ليٽر تي حيرانگي جو اظھار، غيرسنجيده عمل قرار

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا، جمعي جي ڏينھن ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پاران سندس اداري جي ماتحت شعبن ۾ تحقيق ۽ انٽرنشپ ڪندڙ يونيورسٽي جي شاگردن تي پابندي ھڻڻ واري ليٽر تي حيرانگي جو اظھار ڪندي، ان کي غيرسنجيده عمل قرار ڏنو آھي، يونيورسٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته امن امان جي صورتحال بابت يونيورسٽين لاءِ ون گيٽ پاليسي بابت مليل اعليٰ سطحي ھدايتن توڙي يونيورسٽي ۾ امن امان کي ضابطي ۾ رکڻ، يونيورسٽي ۾ ٻاھرين مداخلت کي روڪڻ ۽ شاگردن، عملي ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جي نظام ۾ اثرائتا سڌارا آندا ويا آھن، جنھن موجب يونيورسٽي جي مک داخلي دروازي کان ڪئمپس جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ يونيورسٽي سميت سڀني ڌرين لاءِ ھڪجھڙي پاليسي اختيار ڪئي وئي آھي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ نه صرف سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ٻاھرين ماڻھن جي بنا روڪ ٽوڪ داخل ٿي امن امان کي متاثر ڪيو آھي، پر ملڪ جي ٻين ڪيترين ئي يونيورسٽين تي ٿيل حملن سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جون اڳواٽ ھدايتون ملي چڪيون آھن، جنھن بعد ھن قسم جي کنيل سيڪيورٽي قدمن جا ھاڪاري نتيجا ملي رھيا آھن، اھا ڳالهه واضح آھي ته بھتر سيڪيورٽي جو مطلب ڪنھن جي دل آزاري نه پر اداري ۽ ان ۾ پڙھندڙ شاگردن ۽ عملي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آھي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي پاران ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل سميت يونيورسٽي جو مک گيٽ استعمال ڪندڙ ٻين ادارن کي به اڳواٽ آگاھي ڏني وئي ھئي، پڌرائي موجب ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ پنھنجي آفيسن لاءِ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ کان ڌار داخلي گيٽ موجود آھي ۽ ڪنھن به صورت ۾ دروازا بند ناھن ڪيا ويا، پر ان ھوندي به سڀني ڌرين کي سھڪار جي گذارش ڪئي وئي، پر اھڙي سڄي صورتحال جي ڄاڻ ھجڻ باوجود ھڪ وڏي ۽ اھم اداري جي ڊائريڪٽر جنرل پاران غيرمناسب رويو اختيار ڪيو ۽ معاملي تي ڳالھائڻ بجاءِ شاگردن ۽ نوجوان محققن کي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين کان روڪڻ سان گڏ، پنھنجي ماتحت آفيسرن تي شاگردن کي روڪڻ لاءِ لکت ۾ دٻاءُ وڌو ۽ ان ليٽر کي سوشل ميڊيا جي زينت بڻايو، اھڙو عمل ڪنھن به صورت ۾ تعريف جوڳو ناھي، پڌرائي موجب ڪنھن به قسم جي اعتراض ۽ امڪاني طور پيش ايندڙ شڪايت جي حل لاءِ ادارتي سطح تي سڌو رابطو ڪرڻ گھرجي ھا جنھن سان گڏيل طور تي مسئلي جو حل نڪري سگھيو پئي، يونيورسٽي انتظاميا شاگردن لاءِ پابندي وارو ليٽر جاري ڪرڻ واري عمل کي مناسب نه ٿي سمجھي ۽ ڊائريڪٽر جنرل کي گھرجي ته شاگردن لاءِ ايگريڪلچر ريسرچ ۾ شاگردن جي انٽرنشپ ۽ تحقيق لاءِ جاري ڪيل منع نامي وارو ليٽر واپس وٺڻ گھرجي ۽ ڪنھن اعتراض يا معاملي جي حل لاءِ يونيورسٽي کيس سھڪار ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿي.











