پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن سان رجوع ڪرڻ، پرڏيهي قرضن جو وقت وڌائڻ ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ڊبل بي تائين وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين پهچ وڌائڻ، پرڏيهي قرضن جي ادائگي جي وقت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جا ذريعا متنوع بڻائڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار ۽ تيل جي بلند اگهن باوجود ملڪ جي معيشت هلندڙ مالي سال 4 سيڪڙو کان وڌيڪ اوسر واري …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين پهچ وڌائڻ، پرڏيهي قرضن جي ادائگي جي وقت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جا ذريعا متنوع بڻائڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار ۽ تيل جي بلند اگهن باوجود ملڪ جي معيشت هلندڙ مالي سال 4 سيڪڙو کان وڌيڪ اوسر واري شرح حاصل ڪندي، پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ گذريل سال اپريل کان هن وقت تائين 3 ڀيرا بهتري آئي آهي ۽ حڪومت جو هدف ملڪ کي ڊبل بي ڪيٽيگري ۾ آڻڻ آهي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي بينڪاڪ ۾ بلوم برگ کي انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چار سال وقفي کان پوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن سان ڪاميابي سان رجوع ڪيو آهي، تازو جاري ڪيل 3 ارب ڊالر جي يورو بانڊز لاءِ سيڙپڪارن پاران مجموعي طور تي 6 ارب ڊالر جون آڇون مليون، جيڪي جاري ڪيل بانڊز جي ماليت کان ٻيڻ تي وڌيڪ هيون، گهڻي ڀاڱي سيڙپڪار يورپ ۽ آمريڪا سان تعلق رکندڙ هئا، جڏهن ته ايشيائي ۽ وچ اوڀر جي سيڙپڪارن به ان ۾ حصو ورتو. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي وچولي مدت جي قرض جي حڪمت عملي جو مقصد رڳو فوري مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ ناهي پر قرضن جي پائيداري کي يقيني بڻائڻ، پرڏيهي قرضن جو وقت وڌائڻ ۽ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ جا ذريعا متنوع بڻائڻ آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ اسلامي سڪوڪ ۽ پهريون ڀيرو ڊالر ۾ طئي ٿيل پاڪستاني روپي ۾ ماليت رکندڙ بانڊز جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. انهن بانڊز ۾ سيڙپڪارن پاران به دلچسپي ظاهر ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان هلندڙ سال اپريل ۾ 75 ڪروڙ ڊالر جي نجي پليسمينٽ ڪئي، جڏهن ته پانڊا بانڊ مارڪيٽ سان به رجوع ڪيو ويو، ان مارڪيٽ ۾ هڪ ارب ڊالر جا بانڊز جاري ڪرڻ جي منظوري وٺڻ آهي، جنهن مان هن وقت تائين 25 ڪروڙ ڊالر جا بانڊاز جاري ڪيا ويا آهن، حڪومت باقي رهيل بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ تجويزون طلب ڪندي ۽ موجوده يورو بانڊز کي ڊجيٽل ٽوڪنز جي صورت ڏيڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويندو، انهن قدمن جي وقت ۽ ڳاڻيٽي جو تعين بانڊز جي قيمت، وقت ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو، هلندڙ مالي سال ۾ حڪومت جلدبازي ۾ پرڏيهي مالي وسيلا حاصل ڪرڻ بدران بهتر شرطن تي قرضن جي بهتر انتظام ۽ ڊگهي مدي جا مالي وسيلا حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ايندڙ ٻن ٽن سالن دوران ڪجهه ننڍي مدي وارن پرڏيهي قرضن کي ڊگهي مدي وارن قرضن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن قرضن جي بار بار تجديد سبب پيدا ٿيندڙ خطرا گهٽائي سگهجن. ٿوري وقت وارن قرضن تي وڌيڪ ڀاڙڻ ڪريڊٽ ريٽنگ لاءِ به مناسب ناهي، ان لاءِ قرضن جي ادائگي جو وقت وڌائڻ ۽ مالي وسيلن جا ذريعا متنوع بنائڻ ضروري آهي. هن چيو ته گذيل سال اپريل کان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ ٽي ڀيرا بهتري اچي چڪي آهي ۽ ملڪ هاڻي مضبوط بي ڪيٽيگري ۾ آهي، گذريل چئن ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي بلند ترين ڪريڊٽ ريتنگ بي پلس رهي آهي، حڪومت کي اميد آهي ته موجوده اڳڀرائي برقرار رهي ته پاڪستان هلندڙ مالي سال يا ايندڙ مالي سال جي شروعات ۾ بي پلس ڪيٽيگري تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته حڪمت جو هدف ان کان اڳيان وڌي ڊبل بي ڪيٽيگري ۾ داخل ٿيڻ آهي. معاشي استحڪام ۽ پرڏيهي قرضن جو مناسب وقت ان هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. آمريڪا سان 10 ارب ڊالرن جي سهولت تي ڳالهين جي حوالي سان سوال تي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آمريڪا سان تجويز ڪيل 10 ارب ڊالر جي ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سهولت سميت مختلف شعبن م ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ان حوالي سان اڃا ڪو حتمي معاهدو طئي ناهي ٿيو. هن واضح ڪيو ته ڄاڻايل سهولت قرض يا ڪريڊٽ لائين ناهي پر مالياتي ليڪويڊٽي جي مدد لاءِ هڪ انتظام آهي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت امداد تي ڀاڙڻ مان نڪري واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، ان سلسلي ۾ آمريڪي واپاري نامئندي جي آفيس سان محصول بابت ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن سان به ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته جيئن زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائي سگهجي، ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن جي سهولت حاصل هجي يا نه هجي، پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين پهچ ۽ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن آمريڪا سان ڳالهين کي هاڪاري قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ڪجهه هفتا اڳ 21.4 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، جيڪي اٽڪل 3 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن. ان جي ڀيٽ ۾ ڪجهه اڳ ملڪ وٽ رڳو ٻن هفتن جي آمدني واپار برابر مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود هئا، ذخيرن ۾ اها بهتري قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ اضافي ذريعي حاصل ناهي ڪئي وئي پر اسٽيٽ بئنڪ پاران مارڪيٽ ۾ مداخلت جي ذريعي استحڪام پيدا ڪيو ويو آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو ۽ معيار ٻئي روپئي جي استحڪام ۾ مددگار آهن. مٽاسٽا جي شرح ۽ پاليسي ريٽ جا معاملا اسٽيٽ بئنڪ جي دائري اختيار ۾ اچن ٿا، جڏهن ته حڪومت کي اميد آهي ته مجموعي معاشي استحڪام ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي بهتري سبب روپيو مستقبل ۾ به مستحڪم رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت گذريل ڪجهه سالن کان بحران مان نڪري بهتري طرف گامزن ٿي آهي. اٽڪل ساڍا 3 کان چار سال پهرين جي ڊي پي جي اوسر واري شرح ناڪاري 0.3 سيڪڙو رهي هئي، جڏهن ته ان کان اڳ واري سال ۾ اها 2.6 سيڪڙو هئي. گذريل مالي سال دوران معيشت 3.7 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪئي، هلندڙ مالي سال معاشي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو کان وڌڻ جي اميد آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جا اثر، خاص ڪري مهانگائي ۽ اقتصادي سرگرمين تي دٻاءُ، مسلسل نگراني هيٺ آهن، گذريل مالي سال ۾ به ان تڪرار سبب معاشي ترقي جي رفتار متاثر ٿي هئي. ناڻي واري وزير چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران حڪومت ٽيڪس وصولين جا هدف حاصل ڪيا آهن، پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح هاڻي ڊبل ڊجيٽ ۾ اچي وئي آهي ۽ هن وقت محصول جي حوالي سان اڳڀرائي تسلي بخش آهي. هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف مشن 7 آڪٽوبر کان پاڪستان ۾ پروگرام جي مقداري هدفن ۽ ڍانچا جاتي سڌارن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، جنهن ۾ محصول جي صورتحال به شامل هئي. حڪومت مهانگائي، معاشي اوسر ۽ ٽيڪس وصولين تي وچ اوڀر جي تڪرار جي امڪاني اثرن جو مسلسل جائزو وٺندي رهندي. ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ مارچ کان جاري تڪرار باوجود پاڪستان ٻارڻ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ نه ٻارڻ جي کوٽ پيدا ٿي، نه پيٽرول پمپن تي قطارون لڳيون، آڪٽوبر لاءِ ٻارڻ جون ضرورتون پوريون آهن، جڏهن ته نومبر لاءِ ڪچي تيل ۽ ايل اين جي، جي فراهمي جا انتظام ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن تڪرار ڊگهي وقت جا ٿيا ته دستياب وسيلن موجب ترجيحن جو تعين ڪرڻو پوندو، جيئن توانائي جي تحفظ سان گڏ غذائي تحفظ به ايترو ئي اهم آهي. پاڪستان ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي سميت ڀاڻ جا مناسب ذخيرا موجود آهن ۽ مقامي سطح تي پيداوار جي صلاحيت به دستياب آهي، ان لاءِ ڀاڻ جي فراهمي جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻارڻ جي خريداري ۽ فراهمي جي انتظامن ۾ پاڪستان جي قيادت جي سفارتي رابطن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، آمريڪا سان سٺن لاڳاپن ۽ ايراني قيادت سان اعتماد تي ٻڌل رابطن اسلام آباد مفاهمتي يادداشت کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏني، جنهن سان ٻارڻ جي خريداري ۽ فراهمي جي صلاحيت کي به هٿي ملي. هن چيو ته حڪومت وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي اثرن، خاص ڪري تيل جي قيمتن، مهانگائي ۽ معاشي اوسر تي پوندڙ دٻاءُ جو مسلسل جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن معاشي استحڪام ۽ عوامي ضرورتن جي تحفظ لاءِ وقت سر قدم کڻي سگهجن.

مزید خبریں