اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وي 20 جي موسمياتي مالياتي ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان تي اثرائتي عملدارآمد ۽ مالياتي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس جي موقعي تي منعقد 17 هين وي 20 وزارتي ويهڪ ۾ شرڪت جي …
پاڪستان وي 20 جي موسمياتي مالياتي ايجنڊا جو حامي آهي، ان تي اثرائتي عملدارآمد جي ضرورت آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وي 20 جي موسمياتي مالياتي ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان تي اثرائتي عملدارآمد ۽ مالياتي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس جي موقعي تي منعقد 17 هين وي 20 وزارتي ويهڪ ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي ڪلائيميٽ پراسپيرٽي پلان جي تياري ۽ موسمياتي ماليات حاصل ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري جوڳن منصوبن جي نشاندهي ۾ وي 20 جي تعاون کي ساراهيو. مالياتي ذميواري جي اهميت اجاڳر ڪندي هن چيو ته موسمياتي چئلينجز ۽ جاگرافيائي ۽ سياسي غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي مالياتي گنجائش کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير ماحول دوست سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جا موقعا اجاڳر ڪندي پاڪستان جي پهرين گرين پانڊا بانڊ جو حوالو ڏنو. هن تجويز ڪيل فنڊ جي قدمن جي آجيان ڪندي گڏيل ذميواري، جوابدهي ۽ اثرائتي عملدارآمد جي اهميت تي زور ڀريو. هن لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو مثال ڏيندي خبردار ڪيو ته موسمياتي قدمن کي صرف اعلانن ۽ واعدن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر انهن جو اثرائتي نموني عملدرآمد يقيني بنائڻ گهرجي. هن موسمياتي ماليات جي حوالي سان وي 20 جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.











