اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 2 پائلٽ شهيد ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين، شهيد پائلٽس جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيد پائلٽس جون ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ۽ قربانيون هميشه …
سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 2 پائلٽ شهيد ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين، شهيد پائلٽس جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيد پائلٽس جون ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ۽ قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. سيد يوسف رضا گيلاني، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد پائلٽس جي درجن جي بلندي ۽ انهن کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو نقصان برادشت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي.











