اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ 2 پائلٽس جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ 2 پائلٽس جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ 2 پائلٽس جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ هڪ وڏو سانحو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











