يوڪرين بحران جي حل لاءِ هاڻي آمريڪا کان وڌيڪ مدد جي توقع نه رکڻ گهرجي: يورپي يونين جو دفاعي ڪمشنر

برسلز- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي دفاعي ۽ خلائي معاملن بابت ڪمشنر چيو آهي ته يوڪرين بحران جي حل لاءِ هاڻي آمريڪا کان وڌيڪ مدد جي توقع نه رکڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته هن وقت تائين يورپي يونين يوڪرين جي واحد سنجيده مالي مددگار رهي آهي پر ان کي توقع هئي ته آمريڪا جي سياسي قيادت …

برسلز- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي دفاعي ۽ خلائي معاملن بابت ڪمشنر چيو آهي ته يوڪرين بحران جي حل لاءِ هاڻي آمريڪا کان وڌيڪ مدد جي توقع نه رکڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته هن وقت تائين يورپي يونين يوڪرين جي واحد سنجيده مالي مددگار رهي آهي پر ان کي توقع هئي ته آمريڪا جي سياسي قيادت يوڪرين ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته يورپي يونين يوڪرين سان گڏجي هڪ آزاد ۽ خودمختيار امن حڪمت عملي تيار ڪري ۽ ان تي عمل ڪري. پر هن اها وضاحت ناهي ڪئي ته يورپي يونين پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو.

مزید خبریں