صدر آصف علي زرداري پاران اسماعيلي فرقي جي روحاني پيشوا پرنس رحيم آغا خان کي جنم ڏينهن جُون مبارڪُون

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسماعيلي فرقي جي روحاني پيشوا پرنس رحيم آغا خان کي سندس جنم ڏينهن تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ صدر پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ ۽ آغا خان فائونڊيشن جي صحت، تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ روزگار جي مضبُوظ شعبن ۾ قيمتي خدمتن کي …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسماعيلي فرقي جي روحاني پيشوا پرنس رحيم آغا خان کي سندس جنم ڏينهن تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ صدر پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ ۽ آغا خان فائونڊيشن جي صحت، تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ روزگار جي مضبُوظ شعبن ۾ قيمتي خدمتن کي ساراهيو. صدر پرنس رحيم آغا خان جي سُٺي صحت ۽ ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مسلسل ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں