خيبر پختونخوا ۾ آيل تبديلي سان صوبي جي عوام کي دهشتگردي جي خلاف موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي مستقل خاتمي جي لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، دهشتگردي خلاف جنگ پوري طاقت سان وڙهي ويندي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخواهه ۾ خوش آئند تبديلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ آيل تبديلي سان صوبي جي عوام کي دهشتگردي جي خلاف موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي مستقل خاتمي جي لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، دهشتگردي خلاف جنگ پوري طاقت سان وڙهي ويندي. سومر ڏينهن هتي هڪ مقامي هوٽل …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخواهه ۾ خوش آئند تبديلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ آيل تبديلي سان صوبي جي عوام کي دهشتگردي جي خلاف موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي مستقل خاتمي جي لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، دهشتگردي خلاف جنگ پوري طاقت سان وڙهي ويندي. سومر ڏينهن هتي هڪ مقامي هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز (آءِ ايس ايس آءِ) پاران منعقد ڪيل "پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جو بدلجندڙ منظرنامو، ٽي ٽي پي، سرحد پار خطرا ۽ علائقائي سلامتي” جي موضوع تي منعقد عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان مقام تي رهڻ جي اسان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. دنيا جي ٻي ڪابه قوم اها دعويٰ نٿي ڪري سگهي ته هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90,000 کان وڌيڪ جانين جُون قربانيُون ڏيڻ سان گڏوگڏ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مزاحمت، امن جي فروغ ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيو اچي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون قربانيون صرف پنهنجي ملڪ کي محفوظ بڻائڻ تائين محدود نه آهن پر انهن سان عالمي امن کي به هٿي ملي ٿي. پاڪستان دهشتگردن ۽ ٻي دنيا جي وچ ۾ ڍال جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان امن تي يقين رکي ٿو ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن ڪوششن کي اڳتي وڌايو ويو، جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ ثالثي جي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ استحڪام جو خواهشمند رهيو آهي. هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان نه رڳو سڄي خطي ۾ امن کي فروغ ملندو پر وچ ايشيا سان واپار، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ علائقائي رياستن جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطن ۾ به اضافو ٿيندو. پاڪستان مختلف خطن ۾ ڳالهين جي عمل ۾ شرڪت ڪئي ۽ افغان عبوري حڪومت کي به بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان خطي جي عوام، خاص طور تي افغانستان جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، پر بدقسمتي سان اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي تنهن هُوندي به ان فراخدلي جي پاڪستان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. بدقسمتي سان، اسان جي مهمان نوازي ۽ فراخدلي جو جواب ڪڏهن به ان ساڳي نيڪ نيتي سان نه ڏنو ويو. هن چيو ته افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجُود آهي جيڪا صرف تشدد ۽ انتهاپسندي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ موجُود دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهن. گڏيل قومن ۽ آزاداڻن جائزن موجب، افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جا 6 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد موجُود آهن، جڏهن ته اتي دهشتگردن جو ڪل انگ 20 هزار کان وڌيڪ ٻُڌايو وڃي ٿو. وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته 2021ع ۾ افغان طالبان جي واپسي کانپوءِ ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف حملن ۽ دهشتگردي جي سهولتڪاري لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندي رهي آهي. پاڪستان ويجهڙ ۾ اهڙن حملن جو جواب ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ محفوظ پناهه گاهون استعمال ڪري پاڪستان تي حملا ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي امن جي خواهش کي ان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو، تنهن هُوندي به پنهنجي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. هن افغانستان ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته افغان عورتن کي تعليم ۽ معاشي خودمختياري جي موقعن کان محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪا حڪومت عورتن ۽ اقليتن جي بنيادي حقن کي محدود ڪري ۽ پرتشدد انتهاپسندي کي فروغ ڏئي ٿي، پاڪستان ان کي گڏيل نقطن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان ويجهڙ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيُون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي خلاف مضبوط بيانيو جوڙيو ويو آهي. پنهنجي خيبر پختونخوا ۽ ڪوهاٽ جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هن اتي دهشتگردي جي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته خيبر پختونخوا جي عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ چاهي ٿي ته صوبي مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير خيبر پختونخوا ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ تبديلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان تبديلي سان صوبي جي عوام کي دهشتگردي جي خلاف موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي مستقل خاتمي جي لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. عطاءُ الله تارڙ گڏيل قومن جي 38هين مانيٽرنگ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار ٽي ٽي پي دهشتگردن ۽ انهن جي خاندانن جي سرحدي علائقن کان افغنستان جي اندرئين علائقن ۾ منتقلي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪندو رهيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ مشڪل هُوندو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت، پرڏيهي وزارت ۽ عسڪري قيادت سميت سمُوريُون لاڳاپيل ڌريون دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ متحد آهن. پاڪستان جو عزم آهي ته نه رڳو ملڪ پر سڄي خطي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته خطي جي عوام خوشحالي، ڀلائي ۽ سلامتي جي مستحق آهي ۽ پاڪستان پختي ارادي ۽ پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي درپيش چئلينجن تي قابو پائڻ لاءِ پرعزم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معرڪه حق جي دوران دنيا ڏٺو ته جنگ مڙهڻ جي صورت ۾ پاڪستان ڀرپُور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙي طرح پاڪستان امن جي لاءِ ڳالهين ۽ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان امن جو حامي آهي ۽ هڪ اهڙي خطي جو خوهشمند آهي جتي خوشحالي، تعاون ۽ سلامتي کي فروغ حاصل هُجي.

مزید خبریں