وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ويجهو پاڪ آرمي جي تربيتي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۾ ٻن پائلٽن جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي جي ويجهو پاڪستان آرمي جي ايوي ايشن جي تربيتي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۾ انسٽرڪٽر پائلٽ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ شاگرد پائلٽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي جي ويجهو پاڪستان آرمي جي ايوي ايشن جي تربيتي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۾ انسٽرڪٽر پائلٽ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ شاگرد پائلٽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري، انهن کي جنت ۾ جاءِ تي جاءِ ڏئي ۽ سوڳوار خاندانن کي هي ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته ملڪ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا بهادر سپُوت قوم جو فخر آهن. پوري قوم شهيدن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ انهن جي خاندانن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.

مزید خبریں