اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار دهشتگردي کي خطي ۽ دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان سرزمين مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي ڪنهن به حالت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي، افغانستان مان پاڪستان تي حملا بند ٿيڻ گهرجن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ، قومي معيشت جي استحڪام ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر صوبي کي …
دهشتگردي خطي ۽ دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، افغان سرزمين مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي ڪنهن به حالت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار دهشتگردي کي خطي ۽ دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان سرزمين مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي ڪنهن به حالت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي، افغانستان مان پاڪستان تي حملا بند ٿيڻ گهرجن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ، قومي معيشت جي استحڪام ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر صوبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لڳائڻ ڪو آسان فيصلو نه هو، حڪومت وٽ ايمرجنسي کانسواءِ ڪو به آپشن نه بچيو هو، ڌرڻن ۽ احتجاج جي ڪري معيشت کي وڏو نقصان پهچي ٿو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوششُون ڪري رهيا آهن، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادري دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي قربانين جو اعتراف ڪندي هن فتني جي خلاف پاڪستان جي مدد ڪري. هُن اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن هتي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) پاران منعقد ڪيل پاڪستان ۾ دهشتگردي جي بدلجندڙ منظرنامي بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي خطي ۽ دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانين جو هل داستان لکيو آهي. پاڪستان همت، بهادري ۽ مضبوطي سان دهشتگردي کي منهن ڏنو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي معيشت کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. جعفر ايڪسپريس ۽ بلوچستان ۾ مزدورن جي اغوا ۽ شهادت کي منهن ڏنو آهي، دنيا کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻو پوندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر صوبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نون رخن تي ڪم ڪيو ويو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ آهن. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي هدايتن تي روزانو جي بنيادن تي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيون آهن. اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جا دورو به ڪيا آهن، افغان حڪومت تي مسلسل زور ڏئي رهيا آهيُون ته هو پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي. پاڪستان جو افغانستان کان صرف هڪ مطالبو آهي ته هو پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي. آگسٽ 2025ع ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جو ٽه ڌريو اجلاس پڻ ٿيو پر افغان عملدارن پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا. افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگردن جي موجودگي خطي جي امن جي لاءِ خطرو آهي. سرحد پار کان دهشتگرد دراندازي ڪري اسان جي جوانن ۽ شهرين تي حملا ڪن ٿا. دهشتگردن جي چرپر کي روڪڻ لاءِ پاڪستان افغان سرحد تي حفاظتي لوڙهو ڏيئي چُڪو آهي. افغان سرزمين تان دهشتگردي ڪنهن به طرح سان قبولڻ جوڳي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. هن چيو ته افغان سرزمين تان پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻايو ويندو آهي، جعفر ايڪسپريس کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو به افغانستان ۾ ٺاهيو ويو، افغان طالبان حڪومت کي دهشتگردن کي هٿيارن سميت هر قسم جي مدد بند ڪري. افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملا به بند ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل بقاءِ ۽ پرامن پاڙيسري جي اصول تي پختو يقين رکي ٿو، افغان عملدار دهشتگردي جي معاملي تي پنهنجا واعدا نڀائين، افغان سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، عالمي برادري دهشتگردي جي فتني جي خلاف پاڪستان جي مدد ڪري. اسحاق ڊار چيو ته ڌرڻن ۽ احتجاج جي ڪري معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ماضي ۾ ڌرڻا هڻي ملڪ جي معيشت کي به نقصان پهچايو ويو، اسان کي ڌرڻن جي ڪري تمام وڏي معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لڳائڻ ڪو سولو فيصلو نه هو، حڪومت وٽ ايمرجنسي کانسواءِ ڪو به آپشن نه بچيو هو، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختلف فورمز تي ڪم ڪري رهيو آهي، اسان کي پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ عالمي تعاون به گهربل آهي. هن چيو ته اسلام ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي، جيڪي بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪندڙن جو اسلام سان ڪو به تعلق نه آهي، مذهب جو ويس اوڍي ڪنهن کي به دهشتگردي ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جو حامي آهي، هاڻي دنيا پاڪستان کي امن پسند ملڪ طور سڃاڻي ٿي، خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ڪنهن کان لڪيل نه آهن، پاڪستان جي خلاف منفي پروپيگنڊا ڪندڙ سدائين نامراد رهندا. پاڪستان دنيا جي سامهُون هر قسم جي دهشتگردي ۽ ان جي حل جو طريقو پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جو ذڪر ڪندي چيو ته هن معاهدي جو بنيادي مقصد خطي ۾ امن قائم ڪرڻ آهي، مڪه دفاعي معاهدو ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي. دنيا کي دهشتگردي ۽ جنگين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن. ان جو هيڊ ڪوارٽر رياض ۾ قائم ڪيو ويو آهي. گڏيل دفاعي معاهدي تحت هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.










