اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادين خيبرپختونخوا حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت سان پارليماني رابطن، سڌي ريت ڳالهين ۽ بيڪ چينل ڊپلوميسي سميت هر ممڪن رستو اختيار ڪيو، جڏهن ته سموريون ڪوششون رائيگان ويون. ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير واضح ڪيو ته خيبرپختونخوا دهشتگردي جو وڏو بار برداشت ڪيو آهي ۽ …
ڳالهين جا سمورا رستا بند ٿيڻ کانپوءِ مشڪل آئيني قدم کنيو ويو: وفاقي گهرو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادين خيبرپختونخوا حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت سان پارليماني رابطن، سڌي ريت ڳالهين ۽ بيڪ چينل ڊپلوميسي سميت هر ممڪن رستو اختيار ڪيو، جڏهن ته سموريون ڪوششون رائيگان ويون. ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير واضح ڪيو ته خيبرپختونخوا دهشتگردي جو وڏو بار برداشت ڪيو آهي ۽ اتي سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين بي مثال قربانيون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته اهڙين سنگين حالتن ۾ ڇڪتاڻ بجاءِ گڏيل تعاون کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده فيصلو ڪو سياسي فيصلو هو ۽ نه ئي ڪو آسان عمل، پر اهو هڪ زميني حقيقتن سبب هڪ اڻٽر ۽ مشڪل آئيني قدم هو. هن زور ڏنو ته جڏهن گڏيل تعاون جا سمورا رستا ختم ٿي وڃن ته آئين ۽ ملڪي سلامتي ئي پهرين ترجيح هوندا آهن. هن ملڪ جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ دعا به ڪئي.










