پرائيويٽ حج اسڪيم ڪوٽا تحت 31 هزار کان وڌيڪ درخواستون مليون

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) خانگي حج اسڪيم جي 71 هزار 684 جي ڪوٽا مان هن وقت تائين 31 هزار کان وڌيڪ درخواستون آيون آهن. مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ اسڪيم تحت حج 2027ع جي خواهشمند ماڻهن کي چيو ويو آهي، ته هو جلد کان جلد بڪنگ مڪمل ڪن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم 2027ع جي شفاف …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) خانگي حج اسڪيم جي 71 هزار 684 جي ڪوٽا مان هن وقت تائين 31 هزار کان وڌيڪ درخواستون آيون آهن. مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ اسڪيم تحت حج 2027ع جي خواهشمند ماڻهن کي چيو ويو آهي، ته هو جلد کان جلد بڪنگ مڪمل ڪن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم 2027ع جي شفاف ۽ ڊجيٽل بڪنگ جو عمل نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي تيار ڪيل پاڪ حج ايپ ۽ پورٽل تي بڪنگ جو عمل جاري آهي. پرائيويٽ حج اسڪيم جي رکيل ڪوٽا 71 هزار 684 آهي جنهن مان هن وقت تائين 31 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا پنهنجي آن لائين بڪنگ مڪمل ڪرائي چڪا آهن. حج 2027ع جي پرائيويٽ اسڪيم تحت خواهشمند ماڻهن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته سيٽن جي محدود دستيابي کي نظر ۾ رکندي دير کان بچڻ ۽ جلد کان جلد نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي ڊولپ ڪيل پاڪ حج ايپ ۽ پورٽل ذريعي پنهنجي آن لائين بڪنگ مڪمل ڪن.

مزید خبریں