مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران شاگردياڻين لاءِ ھراسمينٽ خلاف جڙيل قانون، مھراڻ يونيورسٽي جي پاليسي ۽ شڪايت جي طريقيڪار بابت ھڪ ڏينھن وارو آگاھي سيمينار منعقد

حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽوڊنٽس افيئرس آفيس ۽ اينٽي ھراسمينٽ سيل مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران شاگردياڻين لاءِ ھراسمينٽ خلاف جڙيل قانون، مھراڻ يونيورسٽي جي پاليسي ۽ شڪايت جي طريقيڪار بابت ھڪ ڏينھن وارو آگاھي سيمينار واٽر سينٽر ۾ ٿي گذريو. سيمينار کي خطاب ڪندي اينٽي ھراسمينٽ سيل جي سربراهه ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف مڪينيڪل، پراسيس اينڊ ارٿ انجنيئرنگ جي ڊين ڊاڪٽر خديجه …

حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽوڊنٽس افيئرس آفيس ۽ اينٽي ھراسمينٽ سيل مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران شاگردياڻين لاءِ ھراسمينٽ خلاف جڙيل قانون، مھراڻ يونيورسٽي جي پاليسي ۽ شڪايت جي طريقيڪار بابت ھڪ ڏينھن وارو آگاھي سيمينار واٽر سينٽر ۾ ٿي گذريو. سيمينار کي خطاب ڪندي اينٽي ھراسمينٽ سيل جي سربراهه ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف مڪينيڪل، پراسيس اينڊ ارٿ انجنيئرنگ جي ڊين ڊاڪٽر خديجه قريشي چيو ته شاگردياڻين کي صنفي ھراسمينٽ وارن روين بابت، مخالف صنف جي نامناسب عملن ۽ روين کان بچڻ، پاڻ کي بااختيار بنائڻ، صنفي ھراسگي جھڙي ڪُڌي عمل کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻ خلاف آگاھي ڏيڻ بابت ھي سيمينار منعقد ڪرايو ويو آھي. مھراڻ يونيورسٽي جي صنفي پاليسي ۽ ملڪ ۾ موجود صنفي ھراسگي جي خلاف قانون اداري اندر عورت کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو. مھراڻ يونيورسٽي اندر شاگردياڻين لاءِ بھترين ماحول آھي انھن کي قانون ۽ پالسيي طرفان مھيا ڪيل تحفظ تي عملدرآمد ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عظميٰ، عمران ڀنڀرو چيو ته شاگردياڻين کي شڪايت درج ڪرائڻ کان وٺي انصاف جي طريقيڪار بابت ڄاڻ مھيا ڪري انھن کي مليل تحفظ جي استعمال جي تربيت ڏني وئي آھي. هن چيو ته اينٽي ھراسمينٽ سيل آيل شڪايتن کي قانون ۽ پاليسي مطابق ٻڌي ٿي مھراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي مڪمل تحفظ مليل آھي. اينٽي ھراسمينٽ سيل ۾ سينئر عورت پروفيسرس آھن اھي ئي شڪايتون ٻڌن ٿيون. تقريب کي اسٽوڊنٽس افيئرس جي ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد شعيب شيخ پڻ خطاب ڪيو.

مزید خبریں