حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي هدايتن تي حيدرآباد ۾ صفائيءَ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ خاص صفائي مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حيدرآباد سيد اڪبر علي شاهه معصومي جي اڳواڻيءَ ۾ قاسم آباد زون جي پرنس ٽائون واري علائقي ۾ خاص صفائي آپريشن ڪيو …
حيدرآباد ۾ صفائي مهم جاري، پرنس ٽائون قاسم آباد ۾ خاص آپريشن ڪيو ويو

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي هدايتن تي حيدرآباد ۾ صفائيءَ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ خاص صفائي مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حيدرآباد سيد اڪبر علي شاهه معصومي جي اڳواڻيءَ ۾ قاسم آباد زون جي پرنس ٽائون واري علائقي ۾ خاص صفائي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران گهٽين، روڊن ۽ مختلف هنڌن تان ڪچرو کنيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ صفائيءَ جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويا. سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران شهر ۾ صفائيءَ جي انتظامن کي بهتر بڻائڻ، ڪچري کي بروقت کڻڻ ۽ شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. بورڊ شهرين کي بهتر صفائيءَ جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ حيدرآباد کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ پرعزم آهي.











