حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن تي ٽراما سينٽر لمس حيدرآباد ۾ عالمي ارٿرائٽس ڏهاڙي جي موقعي تي جوڙن جي مختلف بيمارين بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ۽ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ٽراما سينٽر لمس حيدرآباد جي آرٿوپيڊڪ سرجري شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر …
لمس حيدرآباد جي ٽراما سينٽر ۾ عالمي ارٿرائٽس ڏهاڙي جي موقعي تي آگاهي ريلي ۽ سيمينار منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن تي ٽراما سينٽر لمس حيدرآباد ۾ عالمي ارٿرائٽس ڏهاڙي جي موقعي تي جوڙن جي مختلف بيمارين بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ۽ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ٽراما سينٽر لمس حيدرآباد جي آرٿوپيڊڪ سرجري شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر فهيم ميمڻ سميت ٻين ماهر ڊاڪٽرن جوڙن جي سور، گوڏن جي بيمارين، انهن جي سببن، علامتن، احتياطي تدبيرن ۽ علاج جي جديد طريقن بابت آگاهي ڏني. سيمينار کي خطاب ڪندي ٽراما سينٽر لمس حيدرآباد جي آرٿوپيڊڪ سرجري شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر فهيم ميمڻ چيو ته اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي دل يا دماغ جي بيماري ٿي پوي ته هو پنهنجو گهر ۽ ملڪيت وڪڻي به علاج ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي گوڏن ۾ سور يا جوڙن جي بيماري ٿئي ٿي ته هو اڪثر ان کي ان ڪري نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس لڳندو آهي ته ان بيماري سبب سندس جان کي فوري خطرو ناهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪيترائي مريض وقت سر علاج ڪرائڻ بدران سور ۽ معذوري سان زندگي گذارڻ کي قبول ڪري وٺندا آهن، جنهن سبب سندن روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿيندي آهي. پروفيسر ڊاڪٽر فهيم ميمڻ ٻڌايو ته جوڙن جي بيمارين جا مختلف قسم آهن، جن ۾ جوڙن جي گسجڻ واري بيماري (اوستيو آرٿرائٽس)، جوڙن جي سوڄ ۽ جسم جي مدافعتي نظام سان لاڳاپيل بيماريون شامل آهن. انهن بيمارين جي عام علامتن ۾ جوڙن ۾ سور، سوڄ، سختي، چرپر ۾ تڪليف ۽ روزمره جا ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته گوڏن جي شديد سور يا جوڙن جي خرابي ۾ مبتلا مريضن لاءِ ڊاڪٽر جي صلاح کانسواءِ بار بار ڏاڪڻيون چڙهڻ، ضرورت کان وڌيڪ پنڌ ڪرڻ يا گوڏن تي اضافي دٻاءُ وجهندڙ سرگرميون تڪليف ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. جڏهن ته هر مريض لاءِ مڪمل آرام ضروري ناهي، پر بيماري جي نوعيت ۽ شدت موجب مناسب ورزش، وزن گهٽائڻ، فزيوٿراپي ۽ طبي علاج سان جوڙن جي ڪارڪردگي ۽ هلڻ ڦرڻ جي صلاحيت بهتر بڻائي سگهجي ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر فهيم ميمڻ چيو ته جوڙن جي بيمارين جي وقت سر تشخيص لاءِ طبي معائنو، ضرورت موجب ايڪسري ۽ ٻيون تشخيصي ٽيسٽون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن عوام کي صلاح ڏني ته مسلسل جوڙن جي سور، سوڄ يا هلڻ ڦرڻ ۾ تڪليف جي صورت ۾ فوري طور ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن بيماري کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪي سگهجي. ان موقعي تي پروفيسر عباس ميمڻ، پروفيسر اشرف خاصخيلي، ڊاڪٽر ارشاد ڀٽو، ڊاڪٽر نصرت نثار، ڊاڪٽر اي ڊي ميمڻ ۽ ڊاڪٽر احمد علي ميمڻ سميت ٻيا ڊاڪٽر ۽ طبي عملو پڻ موجود هو. آگاهي ريلي ۽ سيمينار جو مقصد عوام کي جوڙن جي مختلف بيمارين، انهن جي وقت سر تشخيص، احتياطي تدبيرن ۽ علاج جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو، ته جيئن مريضن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائي سگهجي.











