انڊس اسپتال ۾ ريبيز کان متاثر ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ 38 سالن جو مريض نعمت الله لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) انڊس اسپتال ۾ ريبيز کان متاثر ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلو سان تعلق رکندڙ 38 سالن جو مريض نعمت الله لاڏاڻو ڪري ويو. سومر ڏينھن اسپتال جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب  نعمت الله کي ڏيڍ مھينو اڳ ڪُتي چڪ ھنيو ھو، مريض کي ڏيپلو جي اسپتال ۾ 25 جولاءِ کان 8 آگسٽ 2026ع دوران ريبيز کان بچاءُ جي ويڪسين جون 4 …

ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) انڊس اسپتال ۾ ريبيز کان متاثر ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلو سان تعلق رکندڙ 38 سالن جو مريض نعمت الله لاڏاڻو ڪري ويو. سومر ڏينھن اسپتال جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب  نعمت الله کي ڏيڍ مھينو اڳ ڪُتي چڪ ھنيو ھو، مريض کي ڏيپلو جي اسپتال ۾ 25 جولاءِ کان 8 آگسٽ 2026ع دوران ريبيز کان بچاءُ جي ويڪسين جون 4 خوراڪون ڏنيون ويون ھيون. مريض کي 7 آڪٽوبر تي انڊس اسپتال ڪراچي ۾ ريبيز جي علامتن بعد داخل ڪيو ويو ھو. ترجمان موجب ھلندڙ سال انڊس اسپتال ۾ ڪُتي جي چڪ سبب فوتين جو انگ 19 ٿي ويو آھي. ھلندڙ سال جنوري کان ھاڻي تائين ڪُتي جي چڪ جا 15 ھزار کان وڌيڪ مريض انڊس اسپتال آندا ويا.

مزید خبریں