وزيراعظم پاران پيداواري سيڪٽر جي سمورن شعبن ۾ سيلز ٽيڪس جي لاءِ پيداوار جي نگراني هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيداواري سيڪٽر جي سمورن شعبن ۾ سيلز ٽيڪس جي لاءِ پيداوار جي نگراني هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صارف کان ٽيڪس وصول ڪري پنهنجي کيسي ۾ وجهندڙ ڪاروبار ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن، ٽيڪس جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. سومر ڏينهن وزيراعظم …

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيداواري سيڪٽر جي سمورن شعبن ۾ سيلز ٽيڪس جي لاءِ پيداوار جي نگراني هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صارف کان ٽيڪس وصول ڪري پنهنجي کيسي ۾ وجهندڙ ڪاروبار ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن، ٽيڪس جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پيداواري شعبي ۾ ٽيڪس نگراني جي نظام تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته کنڊ، سيمنٽ، تماڪ، ٽائيلز ۽ ڀاڻ جي شعبن ۾ نظام مڪمل طور تي هنيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪسٽائيلز، بوتلن واري پاڻي، ڊٻن واري جوس ۽ ڊٻن واري کير جي شعبي ۾ نگراني جو نظام هنيو پيو وڃي ۽ ان جي لاءِ اوزارن جي خريداري مڪمل ٿي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل، پولٽري ۽ ٽائرز جي شعبي ۾ اوزارن جي خريداري 15 آڪٽوبر جڏهن ته چانهه، گهريلو اليڪٽرانڪس، چمڙي، ڪاغذ ۽ تيل ۽ گيهه جي لاءِ 30 آڪٽوبر تائين خريداري مڪمل ڪئي ويندي. اهڙي طرح انهن سمورن پيداواري شعبن ۾ نگراني جي نظام کي هلندڙ سال 31 ڊسمبر تائين مڪمل فعال ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ جتي ڪيترين ئي صنعتن نگراني جو نظام هڻڻ ۾ مزاحمت جو مظاهرو ڪيو اتي نشاط ملز، الڪرم ٽيڪسٽائيل، الڪرم ڪاٽن ملز، جي ڪي اسپننگ ملز، صورتي انٽرپرائيزز، انٽر لوپ لميٽيڊ، فيصل اسپننگ ملز، ابراهيم فائبرز لميٽيڊ ۽ سفائر ٽيڪسٽائيلز لميٽيڊ حڪومتي قدمن تي عملدرآمد ڪندي رضاڪاراڻي طور تي نگراني جو نظام هنيو.  وزيراعظم انهن صنعتن جي ان قدم جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم کي ٽيڪس وصولي ۽ ٽيڪس جي صلاحي جي وچ ۾ فرق تي جائزه رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ملڪ جي ٽيڪس صلاحيت جو ماپو پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ٽن سالن ۾ هڪومتي قدمن جي ڪري 1.3 ٽريلين رپين جو اضافي ٽيڪس گڏ ڪيو ويو جيڪو ٽيڪس وصولي ۾ 40 سيڪڙو اضافو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهو اضافي ٽيڪس انفورسمنٽ قدمن جي ڪري گڏ ٿيو. وزيراعظم ايف بي آر ٽرانسفارميشن ٽيم جي ڏينهن رات محنت کانپوءِ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي ۽ شيلڊز پيش ڪيون. وزيراعظم پيداواري سيڪٽر جي سمورن شعبن ۾ سيلز ٽيڪس جي لاءِ پيداوار جي نگراني هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پيداواري شعبي جو تفصيلي جائزو وٺي صلاحيت جو ماپو پيش ڪندڙ ٽيم جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته فيس ليس نظام تحت ڪئميرائن جي مدد سان پيداوار جي نگراني موثر بڻائي پئي وڃي، ڪئميرائن تي ٻڌل پيداوار جي خودڪار نگراني جو سسٽم هڻڻ ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، صارف کان ٽيڪس وصول ڪري پنهنجي کيسي ۾ وجهندڙ ڪاروبار ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. وزيراعظم چيو ته پيداواري شعبي ۾ جيڪو ڪاروبار رضاڪاراڻي طور تي نگراني جو نظام هڻي رهيو آهي، ان کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٽيڪس جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. وزيراعظم سيمنٽ جي شعبي ۾ پيداوار جي نگراني جي نظام جي آڊٽ رپورٽ جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پيداوار جي نگراني جي نظام جي موثريت کي جانچڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت باقي شعبن ۾ به ان جي آڊٽ ڪري، ٽيڪس جي مڪمل صلاحيت موجب ٽيڪس جي وصولي عوام جي صحيح معنى ۾ خدمت آهي، ٽيڪس جي صلاحيت ۽ وصول ڪئي ويندڙ ٽيڪس جي وچ ۾ فرق تي جامع رپورٽ جوڙيندڙ ايف بي آر ٽرانسفارميشن ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ٽيم ڏينهن رات محنت کانپوءِ ملڪي ٽيڪس صلاحيت جو بهترين جائزو پيش ڪيو.

مزید خبریں