پاڪستان توانائي جي ذريعن ۾ تنوع، مقامي پيداوار ۾ اضافي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي: وفاقي وزير

رياض- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ ڊگهي مدي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ توانائي جي ذريعن ۾ تنوع، مقامي پيداوار ۾ اضافي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان آزمائش جي هن گهڙي ۾ سعودي عرب سان گڏ آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه سومر تي …

رياض- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ ڊگهي مدي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ توانائي جي ذريعن ۾ تنوع، مقامي پيداوار ۾ اضافي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان آزمائش جي هن گهڙي ۾ سعودي عرب سان گڏ آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه سومر تي سعودي عرب جي شهر رياض ۾ 17هين انٽرنيشنل انرجي فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي چئي. وفاقي وزير سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته اجلاس ۾ سندس شرڪت وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خاص هدايتن تي سعودي عرب سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار آهي. هن سعودي سرزمين تي حوثي مليشيا جي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير پائيدار توانائي جي حل ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار، توانائي کي صاف ڪرڻ، پهچ جوڳو ۽ سستو بڻائڻ جي موضوع تي خطاب ڪندي چيو ته عالمي توانائي جو شعبو سيڙپڪاري جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ توانائي جو تحفظ، برداشت جوڳيون قيمتون ۽ پائيداري گڏو گڏ اڳيان وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري صرف تجديد جوڳي توانائي تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر هائيڊرو ڪاربن، اهم معدنيات ۽ بجلي جي گرڊز ۽ پائيپ لائينن سميت بنيادي ڍانچي ۾ به سيڙپڪاري ضروري آهي. هن 2026ع جي غير معمولي عالمي توانائي بحران جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جا اثر تيل ۽ گئس کان وڌي جهاز راني ۽ انشورنس جي شعبن تائين پکڙجي ويا هئا. آمدني واپار توانائي تي وڌيڪ ڀاڙڻ باوجود پاڪستان حڪومتي قدمن ۽ سعدوي عرب، قطر ۽ ڪويت سميت برادر ملڪن جي تعاون سان توانائي جي وڏن ذريعن سان راشن بندي کان سواءِ ان بحران کي منهن ڏنو. هن پاڪستان سان تعاون کي ذاتي طور اڳيان وڌائڻ تي شهزاده عبدالعزيز بن سلمان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبناءِ هرمز ۽ آبناءِ باب المندب سميت اهم سامونڊي رستن ۾ امڪاني رڪاوٽن جي صورت ۾ متبادل ذريعا برقرار رکڻ لاءِ ڪچي تيل جي آمدني واپار جي ذريعن ۾ تنوع چاهي ٿو. ليبيا جي وزير پاڪستان کي پنهنجي ملڪ لاءِ هڪ اهم ملڪ قرار ڏيندي چيو ته هو ليبيا جي قومي آئل ڪمپني جي حوصلا افزائي ڪندو ته هو پاڪستاني ڪمپنين لاءِ ڪچي تيل جو وڌيڪ مقدار رکن. هن چيو ته ليبيا پنهنجي ريفائنريز کي جديد بنائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي،ان سلسلي ۾ پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. وفاقي وزير قطر جي توانائي واري وزير سعد شيريده الڪعبي سان ناشتي تي تفصيلي ملاقات به ڪئي جنهن ۾ ايل اين جي جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ترڪيه جي توانائي واري وزير الپرسلان بايتراڪتار به وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته هو ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي، جتي هو سنڌو درياهه جي طاس ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شروعات لاءِ ترڪ پيٽروليم ڪارپوريشن جي زلزلو ماپيندڙ جهاز جي حوالگي جي سلسلي ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وفاقي وزير عالمي توانائي جي شعبي سان واڳيل ٻين اهم شخصيتن، وزيرن ۽ توانائي ڪمپنين جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ عالمي توانائي تعاون، توانائي جي فراهمي جي ذريعن ۾ تنوع، مضبوط بنيادي ڍانچي ۽ محفوظ، سستي ۽ پائيدار توانائي جي مستقبل لاءِ سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو.

مزید خبریں