اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 903.90 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 66 هزار 169 پوائنٽس تي اچي ويو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن مان 194 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 206 ڪمپينن جي شيئرز جي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شروعات تي ٻاڙائي، 100 انڊيڪس 903 پوائنٽس گهٽتائي سان 1 لک 66 هزار 169 پوئنٽس تي اچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 903.90 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 66 هزار 169 پوائنٽس تي اچي ويو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن مان 194 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 206 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 91 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. شروعاتي سيشن ۾ 21 ڪروڙ 75 لک 70 هزار شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي مجموعي ماليت 8.11 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ٽريٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ جي 2 ڪروڙ 4 لک 40 هزار، ايل ايس اي فنانش سروسز جو 1 ڪروڙ 45 لک 40 هزار ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام لميٽيڊ جي 95 لک 50 هزار شيئرز جو ڪاروبار ٿيو. يوني ڪيپ مضاربه، امريلي اسٽيلز لميٽيڊ ۽ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمني لميٽيڊ شروعاتي سيشن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري ڪمپنيون ۾ شامل رهيون.





