لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر پاران بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ مينهن جي وهنجڻ ۽ اچ وڃ تي مڪمل پابندي لاڳو، رائيس ڪينال مان واري کڻڻ تي پابندي لاڳو

لاڙڪاڻو - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي سفارش تي بي ايس فيڊر ڪئنال  ۾ مينهن جي وهنجڻ ۽ اچ وڃ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڊي سي ڪشمور پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ بي ايس فيڊر ۾ مينهن جي اچ وڃ سبب ڪئنال جي ڪپرن کي سخت نقصان …

لاڙڪاڻو – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي سفارش تي بي ايس فيڊر ڪئنال  ۾ مينهن جي وهنجڻ ۽ اچ وڃ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڊي سي ڪشمور پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ بي ايس فيڊر ۾ مينهن جي اچ وڃ سبب ڪئنال جي ڪپرن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ٻوڏ يا خريف جي سيزن ۾ پاڻيءَ جي واڌ دوران ڪئنال لاءِ خطرو پئدا ٿي سگهي ٿو. اهڙي ليٽر کانپوءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو به گهرو کاتي پاران مليل اختيار استعمال ڪندي بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ مينهن جي اچ وڃ تي قلم 144 تحت 90 ڏينهن جي پابندي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. پابنديءَ دوران سيڪشن 195 سي آر پي سي 1898 تحت حد جي ايس ايڇ اوز کي لکت ۾ مليل شڪايتن تي مينهن جي مالڪن ۽ ڌنارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار هوندو. ٻئي طرف لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان ڊي سي لاڙڪاڻو جي سفارش تي رائيس ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئنالن جي تري مان واري ڪڍڻ تي بندش لڳائي ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي سي لاڙڪاڻو سفارش ڪئي آهي ته رائيس ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئنالن مان واري ڪڍڻ سان آبپاشي جي انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان لاءِ رائيس ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئنالن مان 90 ڏينهن لاءِ واري ڪڍڻ تي قلم 144 تحت پابندي هوندي. سيڪشن 195 سي آر پي سي تحت حد جي ايس ايڇ اوز کي لکت ۾ مليل شڪايتن تحت قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪارروائيءَ جو اختيار هوندو.

مزید خبریں