بيجنگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين تائيوان سان سفارتي لاڳاپا برقرار رکڻ سبب پيراگوئي جي اطلاعات ۽ مواصلاتي ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ بيليز جي پرڏيهي وزير تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت انهن قدمن جو سبب قومي خودمختياري ۽ سلامتي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته بيليز ۽ پيراگوئي جي اڪثر سياستدانن پنهنجن ملڪن جا تائيوان سان سفارتي لاڳاپا برقرار رکڻ جي حمايت …
چين پاران تائيوان سان لاڳاپن تي پيراگوئي ۽ بيليز جي وزيرن تي پابنديون

مزید خبریں
بيجنگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين تائيوان سان سفارتي لاڳاپا برقرار رکڻ سبب پيراگوئي جي اطلاعات ۽ مواصلاتي ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ بيليز جي پرڏيهي وزير تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت انهن قدمن جو سبب قومي خودمختياري ۽ سلامتي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته بيليز ۽ پيراگوئي جي اڪثر سياستدانن پنهنجن ملڪن جا تائيوان سان سفارتي لاڳاپا برقرار رکڻ جي حمايت ڪري چين مخالف رويو اختيار ڪيو آهي. انهن پابندين ۾ وزيرن جي هانگ ڪانگ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ تي پابندي، چين جي ادارن ۽ شهرين کي انهن وزيرن سان ڪاروباري ڏيتي ليتي، سهڪار يا ٻيون سرگرميون انجام ڏيڻ کان روڪڻ شامل آهي. چين جي پرڏيهي وزارت پابندين جو اعلان ٻن ڌار نوٽيسز ذريعي ڪيو آهي.











